18 اربع , جولاءِ 2018

سياست ۾ ايجنسين جو ڪردار نه هجڻ گهرجي، نيب کي رڳو ٻه پارٽيون نظر پيون اچن: پ پ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻن چيو آهي ته اسان کي چونڊ مهم کان روڪيو پيو وڃي ۽ زبردستي وفاداريون تبديل ڪرائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، نيب کي رڳو ٻه پارٽيون نظر اچي رهيون آهن. پ پ وفد شيري رحمان جي اڳواڻي ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي کٽڪن بابت آگاهه ڪيو. شيري رحمان جو چوڻ هو ته اسان عام چونڊن ۾ دير جا حامي ناهيون پر چونڊن کي ڄاڻي واڻي تڪراري بڻايو پيو وڃي، اسان جي اميدوارن کي مهم هلائڻ کان روڪيو پيو وڃي ۽ ڪيترن ئي اميدوارن تي وفاداريون تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ آهي، ڪجهه سياسي پارٽين کي نوازيو پيو وڃي، انهن لاءِ قانون ئي الڳ آهي. رضا رباني چيو ته نيب کي رڳو ٻه پارٽيون نظر اچي رهيون آهن، ان کي ٽين پارٽي نظر نه پئي اچي، جيڪي لوٽا وفاداري تبديل ڪري ٻي پارٽي ۾ هليا ويا، اهي ڇا پاڪ ٿي ويا، انهن لوٽن جو احتساب ڇو نه پيو ڪيو وڃي، سينيٽ جي هول ڪميٽي کي گهرجي ته اها چيف اليڪشن ڪمشنر کي طلب ڪري. رحمان ملڪ چيو ته گذريل هڪ هفتي کان وٺي اسان جي اعليٰ قيادت جي تذليل ڪئي پئي وڃي، اڳوڻي صدر جو ٽرائل ڪيو ويو، پاڪستان اندر توهان هڪ ارب رپين جي ٽرانزيڪشن ڪيو ته اها مني لانڊرنگ ناهي، جيڪڏهن بحث ڇيڙيو ويو ته اهڙو ڪجهه ٻڌائيندس جو ماڻهو ٻاهر وڃڻ بند ڪري ڇڏيندا. اعتزاز احسن چيو ته سياسي پارٽين کي پنهنجي تياري جو ڀرپور موقعو نه ملي رهيو آهي، جمهوريت کي هر صورت ۾ آزاد ماحول ملڻ گهرجي ۽ ملڪي سياست ۾ ايجنسين جو ڪو ڪردار نه هجڻ گهرجي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

NAB, candidate of the PML-N, Brigade Tahir, was arrested on July 20

نيب ن ليگ جي اميدوار برجيس طاهر کي 20 جولائي تي طلب ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ چونڊ اميدوار برجيس طاهر تي ريفرنس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے