18 اربع , جولاءِ 2018

مرڪزي قيادت طرفان ليگي اڳواڻن کي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ لاءِ هدايت نامو جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان مسلم ليگ طرفان پرامن ريليون روڪڻ تي ڪارڪنن کي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ جي  هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي. خانگي ٽي وي چينل موجب پاڪستان مسلم ليگ ن جي مرڪزي قيدات طرفان پر امن ريليون روڪڻ تي ڪارڪنن کي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته پارٽي اڳواڻن کي اڱڻ تائين پهچ ڏيڻ تي انتظاميا کي ڀرپور سهڪار جي آڇ ڪئي ويندي، اڳواڻن ۾ ن ليگ جا اڳوڻا پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جا ميمبر شامل هوندا، مسلم ليگ ن لاهور ايئرپورٽ لاونج تائين پهچڻ جي لاءِ 300 جا نالا ڏيندي، ذريعن جو وڌيڪ چوڻ هو ته هر ضلعي ۾ رنڊڪون هٽائڻ جي لاءِ ڪرينن جو استعمال ڪيو ويندو ۽ ٿي سگهي ٿو ته انتظاميا طرفان هنيل رنڊڪون هٽايون وڃن، نواز شريف جي استقبال جي لاءِ هر ضلعي مان مسلم ليگ ن جون ريليون پهچنديون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

NAB, candidate of the PML-N, Brigade Tahir, was arrested on July 20

نيب ن ليگ جي اميدوار برجيس طاهر کي 20 جولائي تي طلب ڪري ورتو

لاهور(ويب ڊيسڪ) نيب مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ چونڊ اميدوار برجيس طاهر تي ريفرنس …