17 اڱارو , جولاءِ 2018

ڪتاب ۾ جيڪو لکيو اُن کي عدالت ۾ ثابت ڪري سگهان ٿي: ريحام خان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي اڳوڻي گهرواري ريحام خان چيو آهي ته هوءَ مڪمل طور تي پنهنجي ڪتاب ۾ لکيل واقعن جي سچائي بابت مطمئن آهي ۽ الله آڏو جوابدار آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي ريحام خان چيو ته هن اهي ئي ڳالهيون لکيون آهن جنهن جا ثبوت هن وٽ موجود آهن. هن چيو ته عدالت ۾ وڃي چئي سگهان ٿي ته سچ لکيو آهي ۽ آئون اها ڳالهه ذميواري سان چئي رهي آهيان. ريحام خان چيو ته جيڪي ڳالهيون مون لکيون آهن انهن جون پارٽي جا ماڻهو ۽ جيڪي ٽي وي تي ويهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن سڀ ڄاڻن ته اهي سموريون درست آهن. ان کان اڳ ريحام خان جي ڪتاب ناليواري ويب سائيٽ ايميزون تي رليز ڪئي وئي آهي. 563 صفحن تي ٻڌل ڪتاب جو نالو ” ريحام خان“ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے