17 اڱارو , جولاءِ 2018

نواز شريف کي هيرو بڻجڻ نه ڏبو: عمران خان جون اجلاس ۾ ڳالهيون

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ آهي ته نواز شريف ڪرپشن تي گرفتار ٿي رهيو آهي کيس هيرو بڻجڻ نه ڏينداسين. عمران خان جي صدارت هيٺ پارٽي اڳواڻن جو بني گالا ۾ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ اڳوڻي وزير اعظم ۽ سندس ڌيءَ مريم نواز جي وطن واپسي تي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون ويون. اجلاس ۾ عمران خان ڪارڪنن کي نواز شريف جي آمد تي صبر جو مظاهو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پارٽي اڳواڻ ڪارڪنن کي ڪنهن قسم جي جهيڙي جو حصو نه بڻجڻ ڏين. ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جو چوڻ هو ته نواز شريف ڪرپشن تي گرفتار ٿي رهيو آهي، کيس هيرو بڻجڻ نه ڏينداسين جڏهن ته پارٽي 22 سال ڪرپشن جي خلاف جدوجهد ڪئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے