26 اربع , سيپٽمبر 2018

پ پ جي منشور موجب ڪم ڪندڙ سان اتحاد ٿي سگهي ٿو: بلاول ڀٽو زرداري

لاهور (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪو به منهنجي منشور موجب ڪم ڪندو ان سان اتحاد ٿي سگهي ٿو، جيڪڏهن ڪا پارٽي اسان جي منشور موجب ڪم نه ڪندي ته اپوزيشن ۾ ويهي رهندس. خانگي ٽي وي چئنل کي ڏنل انٽرويو ۾ پ پ چيئرمين اعتراف ڪيو ته سئو سيڪڙو ماڻهو اسان مان خوش ناهن ۽ نه ٿيندا، انهن کي اسان کان سوال ڪرڻ جو حق آهي، پاڻي ۽ ٻين مسئلن تي عوام کي مظاهرا ڪرڻا هجن ها ته اڳ ۾ ئي ڪري ها، هاڻ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي، اهو اسان جي مخالفن جا ڪارڪن ڪري رهيا آهن. هن چيو ته مان پارٽي کي نظريي موجب هلائي رهيو آهيان ۽ پارليامينٽ ۾ وڃي مسئلن تي آواز اٿارڻ چاهيان ٿو، پاڪستان ۾ عام ماڻهو لاءِ چونڊ وڙهڻ ڏکيو بڻايو ويو آهي، اسان کي اهو نظام ختم ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته نواز شريف گذريل 5 سال پارليامينٽ کي پوئتي رکيو، کيس ملڪ اچي ڪيسن کي منهن ڏيڻو پوندو، آصف زرداري 20 سال ڪيسن کي منهن ڏنو ۽ عدالتن ۾ پيش ٿيو، مٿس ڪڏهن به الزام ثابت نه ٿيا پر هاڻ ايف آءِ اي ٻيهر ڪيس اوپن ڪري ڇڏيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پارٽي جا فيصلا مان ۽ آصف زرداري گڏجي ڪندا آهيون، جمهوري پارٽين ۾ سدائين گڏجي فيصلا ڪيا ويندا آهن، رڳو پيءُ پٽ نه پر ٻين اڳواڻن کي به گهرائي پارٽي ۾ فيصلا ڪندا آهيون، جتي عوامي نمائندا گڏجي ويهندا آهن، اتي ئي مسئلا حل ٿيندا آهن. هن چيو ته گهر ويهي هلائڻ جو ڪو فائدو ناهي، رسڪ کڻي مهم هلائي رهيا آهيون، ڇو ته ان کانسواءِ ٻيو ڪو طريقو ناهي، دهشتگردي سبب اسان جي چونڊ مهم کي وڏو نقصان پهتو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته اسان کي سنڌ تائين محدود رکڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي پر رنڊڪن باوجود اسان کي جيڪا موٽ ملي رهي آهي اها سڀني جي سامهون آهي، گذريل ٻن دورن ۾ اسان جي وڏن وزيرن جيڪو ڪم ڪيو، اهو ڪنهن به ناهي ڪيو، اسان محدود وسيلن باوجود گهڻا ڪم ڪيا پر اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي، هڪ ڏينهن ۾ سڀ ڪجهه درست نٿو ڪري سگهان. سندس چوڻ هو ته مان آصف زرداري جو بچاءُ ڪندو آهيان ۽ ڪندو رهندس، پ پ جيتريون قربانيون ڏنيون، اهي ڪنهن سياسي پارٽي ناهن ڏنيون.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي جي رٿابندي ڪندڙ طلب نه ٿيندا ته انصاف ڪيئن ٿيندو: طاهر القادري

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے