25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: حيدرآباد: آرٿو پيڊڪ اسپتال پاران هڏن جي بيمارين ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي علاج بابت سيمينار ڪوٺايو ويو

Hyderabad: Seminar on Health Treatment by Hypocritic Hospital by Hurricane-Patients & Modern Technologiesحيدرآباد ۾ آرٿو پيڊڪ اسپتال پاران هڏن جي بيمارين ۽ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي علاج بابت سيمينار ڪوٺايو ويو.

ڪوٺايل سيمينار ۾ آسٽريلوي ڊاڪٽر ڊين قلبي، ڊاڪٽر توفيق حيدر شاهه ۽ ڊاڪٽر اشوڪ ڪمار سميت سڃاڻ ڌرين ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سيمينار کي خطاب ڪندي ڊاڪٽرن چيو ته آسٽريلوي ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ قائم ڪيل اسپتال ۾ پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو آپريشن ۽ گهٽ خرچ تي گوڏن جي بيماري جو جديد علاج  ڪيو ويندو.

هنن چيو ته پاڪستان ۾ هر چئن ماڻهن مان هڪ ماڻهو گوڏن جي بيماري ۾ مبتلا  آهي، گوڏن جي بيماري سبب عام ماڻهو انتهائي پريشان آهن، جنهن لاءِ آسٽريليا جي ماهر ڊاڪٽر بيماري جو جديد ٽيڪنالاجي وسيلي علاج ڳولهي ورتو آهي.

سندن چوڻ هو ته پاڪستان سميت دنيا ۾ هڏن  جي  بيماري تيزي سان وڌي رهي آهي، سروي موجب پاڪستان ۾ هر ڇوٿون ماڻهو بيماري جو شڪار آهي.

ڊاڪٽرن چيو ته پاڪستان ۾ پهرين اسپتال ڪلفٽن ڪراچي ۾ قائم ڪئي وئي آهي، جتي انتهائي گهٽ خرچ  ته بغير آپريشن جي علاج ممڪن آه.

سيمينار ۾ گوڏن جي بيماري بابت ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے