25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: سوڀو ديرو: شهرين ۽ دڪاندارن پاران وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج

Sobho dero: Protest against the worst of the citizens and shopkeepersسوڀي ديري ۾ شهرين ۽ دڪاندارن پاران وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پريس ڪلب آڏو رياض، خادم ملاح ۽ ضمير سهتو سميت ٻين دڪاندارن ۽ شهرين وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج ڪيو.

ميڊيا سان ڳالهائيندي دڪاندارن ۽ شهرين چيو ته هڪ هفتي ۾ ڏينهن ڏٺي ڦر جو ٻيو واقعو ٿيو آهي، جنهن ۾ ٽن هٿياربندن ڪرياني دڪان تي چڙهائي روڪ رقم ڦري دڪاندار نوشاد کي زخمي ڪري ڇڏيو آهي.

هنن چيو ته شهر ۾ هر آئي ڏينهن اهڙي قسم جا واقعا وڌي رهيا آهن، پر پوليس امن امان قائم ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي.

سندن چوڻ هو ته پوليس اگهور ننڊ ستل آهي، شهري تحفظ نه ملڻ واري صورتحال ۾ سخت پريشان آهن.

هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ڏوهاري عنصرن خلاف ڪارروائي ڪري شهر ۾ امن قائم ڪرائن، نه ته احتجاجي دائرو وڌائيندا……..

هي به ڏسي سگهو ٿا

Nawabshah: Protest against kalabagh dam and giving ID cards to different nationalities

منجهند هڪ وڳي وارو نيوز بليٽن/2018-09-25

*سپريم ڪورٽ ۾ اين آر اوعملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي، مشرف جي وڪيل پاران بيان جمع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے