25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: کوکرا پار: قديم سنڌي ڳوٺ رحيم خان جوکيو بنيادي سهولتن کان محروم

Khokhrapar: The ancient Sindhi Village Rahim Khan Jokhio was deprived of basic facilitiesکوکرا پار جي قديم سنڌي وسندي ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب کنڊرات ۾ تبديل ٿي وئي.

ماڊل ڪالوني جي قديم سنڌي وسندي رحيم خان جوکيو ۾ ترقياتي ڪم نه ٿيڻ سبب رهواسي سخت ڏکياين کي منهن ڏيڻ لڳا.

صحت، تعليم، پاڻي ۽ نيڪال واري نظام سميت ٻيون بنيادي سهولتون نه هجڻ سبب رهواسي عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور بڻيل آهن.

رهواسين جو چوڻ هو ته پ پ جي چونڊيل نمائندن لڳاتار 10 سال دوران سندن ڳوٺ ۾ ترقياتي ڪم نه ڪرائي نظر انداز ڪيو آهي، جنهن سبب هاڻي سندن ڳوٺ کنڊرات جو ڏيک رهيو آهي.

سندن چوڻ هو ته هنن سدائين پ پ کي ووٽ ڏنا آهن، پر موٽ ۾ کين بنيادي سهولتون به ناهن مليون، بجلي لوڊشيڊنگ ۽ تعليم، صحت سميت بنيادي سهولتون نه هجڻ سبب هو پٿر جي دور واري زندگي گهاري رهيا آهن.

رهواسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته گهٽ ۾ گهٽ سندن ڳوٺ ۾ بنيادي سهولتون ڏئي سندن پريشاني ختم ڪن…………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

Kotri, STP, KalabaghDAm

نيوز | ڪوٽڙي: ڪالا باغ ڊئم ۽ ڌاري آبادڪاري خلاف ايس ٽي پي جو احتجاج

ڪوٽڙي ۾سنڌ ترقي پسند پارٽي جي سڏ تي ڪالا باغ ڊئم جي اڏاوت ۽ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے