21 جمعو , سيپٽمبر 2018

شيخ رشيد ووٽن لاءِ ماني پچائڻ لڳو، ويڊيو وائرل

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جي چونڊ مهم دوران تندور تي ماني پچائڻ واري ويڊيو وائرل ٿي وئي آهي. عام چونڊن جي حوالي سان جتي عوام طرفان سياسي اڳواڻن طرفان سخت سوال ڪيا پيا وڃن، اتي ئي وري ووٽر پنهنجي تڪن ۾ ووٽ جي درخواست ڪندڙ سياستدانن کان فرمائشون پوريون ڪرائي رهيا آهن، جڏهن ته عوامي مسلم ليگ سربراهه شيخ رشيد کي ٻين سياستدانن جي ڀيٽ ۾ منفرد اعزاز حاصل آهي، ڇو ته هو جڏهن چاهي پنڌ، سائيڪل يا موٽر سائيڪل تي عوام وٽ پهچي ويندو آهي. هو قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 60 ۽ 62 راولپنڊي تان اميدوار آهي ۽ روايت موجب هن ڀيري به هن چونڊ مهم هلائڻ ۾ سڀني سياستدانن کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي. شيخ رشيد چونڊ مهم دوران هڪ هوٽل پهتو ته عوام کيس گهيري ورتو، ان دوران هڪ ووٽر شيخ رشيد کان سوال ڪيو ته توهان ووٽ جي بدلي اسان لاءِ ڇا ٿا ڪري سگهو، جنهن تي شيخ رشيد تندور ۾ مانيون پچائي چيو ته مان پنهنجي هٿن سان ماني پچائي توهان کي ڏئي سگهان ٿو، اهو منظر هجوم ۾ بيٺل هڪ شخص پنهنجي موبائل جي ڪئميرا ۾ عڪسبند ڪري ورتو ۽ شيخ رشيد جي اها ويڊيو پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي پوسٽ ڪري ڇڏي. اها ويڊيو وائرل ٿيندي ئي هزارن جي انگ ۾ شيئر ڪئي ۽ ڏٺي وئي آهي، جڏهن ته ماڻهو ان کي پسند به ڪري رهيا آهن.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومون اسرائيلي ڌمڪين جو نوٽيس وٺن: ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران گڏيل قومن ۽ سيڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته اسرائيلي …