20 خميس , سيپٽمبر 2018

سپريم ڪورٽ ايم ڊي پي ٽي وي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ايم ڊي پي ٽي وي مقرري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو. تفصيل موجب چيف جسٽس آف پاڪستان جي سربراهي ۾ بينچ ايم ڊي پي ٽي وي مقرري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي جنهن ۾ ناڻي وارو اڳوڻو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس ثاقب نثار پڇاڻو ڪيو ته ڇا عطا الحق قاسمي ايم پي ون اسڪيل جو اهل هو؟ ناڻِي واري سيڪريٽري جي منظوري کان سواءِ مراعتون نٿيون ملي سگهن؟ اڳوڻي ناڻي واري سيڪريٽري چيو ته پي ٽي وي ڪمرشل ادارو آهي، بجيٽ فنانس مان ناهي ويندي، اٽارني جنرل چيو ته پگهار جي سمري تي پرپينسل کان نوٽ لکرايو ويو. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته اسحاق ڊار محبت سان تشريف آڻي، اسحاق ڊار اچي ٻڌائي ته ايتري ڳري پگهار ڪيئن ڏني؟ اسحاق ڊار کي چيلهه ۾ ايترو سور آهي جو اچي نٿو سگهي؟  ناڻي واري سيڪريٽري چي ته رولز تحت سمري ناڻي واري وزارت ڏانهن موڪلي ويندي آهي. اٽارني جنرل چيو ته وزير اعظم کي اختيار نه هو ته دوستن ۾ ايترا پيسا ورهائي، چيف جسٽس چيو ته عدالت کي ٻڌيو ته جاچ ڪنهن کان ڪرايون؟ عطاالحق قاسمي جي وڪيل عائشه حامد چيو ته عطا الحق قاسمي رقم واپس نٿو ڪرڻ چاهي. سپريم ڪورٽ دليل مڪلم ٿيڻ تي عطا الحق قاسمي مقرري ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے