24 سومر , سيپٽمبر 2018

ريحام خان جو ڪتاب ايميزون تي جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي اڳوڻي گهرواري ۽ صحافڻ ريحام خان جو ڪتاب مشهور ويب سائيٽ ايميزون تي رليز ڪيو ويو آهي. 563 صفحن تي ٻڌل ڪتاب جو نالو ”ريحام خان“ آهي ۽ ان ۾ ليکڪا پنهنجي حياتيءَ جي اهم واقعن جا تفصيل بيان ڪيا آهن. اهو ڪتاب جاري ٿيڻ کان اڳ ئي ان جو مواد ليڪ ٿي ويو هو، جنهن ۾ عمران خان ۽ ٻين شخصيتن بابت ڄاڻ تي پاڪستاني سياست ۽ انٽرنيٽ تي طوفان اچي ويو هو. ايميزون ويب سائيٽ تي ڪتاب بابت لکيو ويو آهي ته ان ۾ سماج ۽ سياست سان ڳنڍيل حساس معاملن کي بيان ڪيو ويو آهي ۽ ان ڪتاب سبب ليکڪا کي ڌمڪين، هراسمينٽ ۽ حياتيءَ کي خطري جهڙين حالتن کي پڻ منهن ڏيڻو پيو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت تي هر قسم جي معاشي ۽ واپاري پابندين لاءِ پنجاب اسيمبلي ۾ ٺهراءُ جمع

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي ۾ ڀارت خلاف معاشي ۽ واپاري پابنديون لاڳو ڪرڻ لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے