18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: نوشهروفيروز: ڀاءُ هٿان ڪارنهن الزام هيٺ ڀيڻ ۽ نوجوان قتل

noshehro Feroz: The hands of the boys, the murderers, and the murder of young men* نوشهري فيروز ڀرسان ڀاءُ ڪارنهن الزام ۾ ڪهاڙين جا وار ڪري ڀيڻ ۽ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو.

ڳوٺ بيرڪي ۾ ڪارنهن تهمت هيٺ جوابدار امير بخش جمالي  ۽ ٻين پنهنجي ڀيڻ ۽ نوجوان سجاد آرائين کي ڪهاڙين جا ور ڪري قتل ڪري ڇڏيو.

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي مقتول عورت جي ڀاءُ امير بخش ۽ ڏير مشتاق جمالي کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال آندل سامان هٿ ڪيو.

پوسٽ مارٽم بعد نوجوان جو لاش سندس وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته عورت جو لاش کڻڻ اڃا تائين ڪو به اسپتال ناهي پهتو

ٻڌايو پيو وڃي ته ڳوٺ بيرڪي ۾ عورت کي وارثن قتل ڪرڻ بعد سندس لاش زرعي زمين تي اڇلي نوجوان سجاد آرائين کي گهران زبردستي کڻي ڪهاڙين جا ور ڪري بيدردي سان قتل ڪيو، جنهن مقتولن عورت ۽ نوجوان جا لاش فصلن ۾ گڏ رکي ڇڏيا….

هي به ڏسي سگهو ٿا

SCPakistan, NasirShah, Qamber, Shahdadpur

رات ڏهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-18

*سپريم ڪورٽ پاران پاڻي جي کوٽ ۽ ڊيمن جي اڏاوت بابت ڪيس جو تفصيلي فيصلو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے