20 خميس , سيپٽمبر 2018

گرفتاريون ڌانڌلي آهن، ڪارڪن آزاد نه ٿيا ته عام چونڊن جي نتيجن کي قبول نه ڪنداسين: شهباز شريف

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته مسلم ليگ ن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي، ڪارڪنن کي آزاد نه ڪيو ويو ته چونڊن جي نتيجن کي قبول نه ڪيو ويندو. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شهباز شريف چيو ته پري پول رگنگ تحت مسلم ليگ ن کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي. هن چيو ته  مسلم ليگ ن جي ڪارڪنن کي ٽن ڏينهن تائين قيد رکڻ جا حڪم ختم ڪيا وڃن. سندس چوڻ هو ته احتساب عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چئي چڪي آهي ته نواز شريف خلاف ڪرپشن جو ثبوت نه آهي. شهباز شريف چيو ته عام چونڊن ۾ سڀني جي برابر موقعو فراهم نه ڪيو ويو ته بعد ۾ اسان سان شڪايت نه ڪئي وڃي. هن چيو ته عمران خان قلم 144 باوجود لاهور ۾ جلسو ڪري رهيو آهي جڏهن ته اسان کي روڪيو پيو وڃي. سندس چوڻ هو ته انتظاميه ۽ پوليس ظلم ۽ زيادتيون روڪي، وقت هميشه هڪ جهڙو نه رهندو آهي. شهباز شريف چيو ته 25 جولاءِ جي شام اليڪشن تي سوال اٿيا ته ڪير جواب ڏيندو، نواز شريف پنهنجي ذات نه پر ملڪ لاءِ واپس اچي رهيو آهي. هن چيو ته ڀلي ڪيتري به ڌانڌلي ڪئي وڃي اسان اليڪشن کٽي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ ن جي حڪومت آئي ته گرفتاريون ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. شهباز شريف چيو ته ڪلثوم نواز زندگي ۽ موت جي ڪمشڪش ۾ مبتلا آهي، نواز شريف ۽ مريم نواز هر حال ۾ سڀاڻي لاهور پهچندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان طرفان ڀارتي وزيراعظم کي هڪ دفعو ٻيهر ڳالهين جي آڇ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي خط …