20 خميس , سيپٽمبر 2018

پي ٽي آءِ پنهنجي نااهل اميدوار جي پٽ کي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي

گوجرانوالا ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ گوجرانوالا جي تڪ پي پي  53 تان نااهل اميدوار ناصر چيما  جي پٽ کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي. تحريڪ انصاف گوجرانوالا جي تڪ پي پي 53تان نئين اميدوار جمال ناصر چيما کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. تحريڪ انصاف جي اميدوار ناصر چيما کي اليڪشن ڪميشن نااهل قرار ڏنو هو. ناصر چيما تي چونڊ مهم دوران آرمي چيف ۽ چيف جسٽس جون تصويرون بورڊ تي هڻڻ جو الزام هو. ناصر چيما پنهنجي نااهلي خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ناصر چيما جي پٽ جمال ناصر چيما کي پارٽي ٽڪيٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ به اليڪشن ڪميشن کي جمال ناصر چيما کي بيٽ جو نشان جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جي آزادي کي پ پ چيئرمين رليف قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے