20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڪنهن هوائي اڏي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته قانون حرڪت ۾ ايندو: شوڪت جاويد

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي نگران گهرو وزير شوڪت جاويد چيو آهي ته هوائي اڏو پابندي مڙهيل علائقو آهي، رڳو ملازم يا مسافر ئي وڃي سگهن ٿا، جيڪڏهن ڪنهن هوائي اڏي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته قانون حرڪت ۾ اچي ويندو. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شوڪت جاويد چيو ته نواز شريف جي آمد تي رستا بند نه ڪيا ويندا ۽ نه ئي شهر ۾ ڪنٽينر لڳايا ويندا. هن چيو ته نواز شريف جي گرفتاري حڪومت جو ڪم آهي،  جيڪڏهن سندن گرفتاريءَ تي مدد گهري وئي ته فراهم ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته هوائي اڏو پابندي مڙهيل علائقو آهي،  رڳو ملازم يا مسافر وڃي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن  هوائي اڏي ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته قانون حرڪت ۾ اچي ويندو.  شوڪت جاويد چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جي ملتان ۾ ريلي بابت اطلاع نه ڪيو ويو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف جي آزادي کي پ پ چيئرمين رليف قرار ڏئي ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، مريم نواز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے