17 اڱارو , جولاءِ 2018

مريم اورنگزيب خلاف نيب ۾ درخواست، اختيارن جي غلط استعمال ۽ اثاثا ٺاهڻ جو الزام

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري اڳوڻي وفاقي وزير مريم اورنگزيب خلاف نيب ۾ درخواست جمع ڪرائي وئي آهي.  درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مريم اورنگزيب ايف 7 ۽ اي 11 ۾ ملڪيت خريد ڪئي جڏهن ته مٿس لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ تقريب جي مد ۾ 15 لک رپين جي ڪڪ بيڪس جو الزام آهي. مريم اورنگزيب اختيارن جو غلط استعمال ڪندي ن ليگ جو خاص نغمو تيار ڪرڻ لاءِ پي ٽي وي جا وسيلا استعمال ڪيا ۽ ن ليگ جي سوشل ميڊيا جي ماڻهن کي پي ٽي وي ۾ ڀرتي به ڪرايو. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مسلم ليگ ن سوشل ميڊيا جي 21 ماڻهن کي پيمرا ۾ لڳائڻ جي به ڪوشش ڪئي وئي.  درخواستگذار ۾ چيو ويو آهي ته اشتهاري مهم ۾ ڪمپنين  کان ذاتي مالي مفاد لاءِ ۽ سرڪاري رهائشگاهه تي بجيٽ کان وڌيڪ 4 ملين خرچ ڪيا ويا جڏهن ته مريم نواز جي زباني هدايت تي مريم اورنگزيب  تي اشتهار هلائڻ جو به الزام آهي. درخواستگذار موجب مريم اورنگزيب جي بدانتظامي سبب پي ٽي وي جا 350 ملازم رٽائرمينٽ مان فائدو حاصل نه ڪري سگهيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے