20 خميس , سيپٽمبر 2018

نيوز: ڏهرڪي: ٽئين ڪلاس جو شاگرد کنڀي گم، وارثن جو احتجاج

Daharki: Student of third standard kidnapped, protest by heirs*ڏهرڪي ويجهو پوليس ٽئين ڪلاس جي شاگرد کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو، نينگر جي گرفتاري ۽ زمين تي قبضي خلاف شر برادري جي ماڻهن پاران احتجاج ڪيو ويو .

ڳوٺ شير علي شر ۾ پوليس شر برادري جي گهرن تي چڙهائي ڪري زمين تي قبضي ڪرڻ جي الزام هيٺ نينگر  بشير احمد شر کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو.

ڀٽو برادري جي بااثرن کينجهو پوليس سان ملي ڀڳت ڪري غريب ڳوٺاڻي منير احمد شر جي ٽي ايڪڙ 20 ويسوا زمين تي قبضو ڪري ورتو .

شر برادري جي ماڻهن  منير احمد شر، سومار شر، سڪينه، مائي زادي، مائي منيران، مائي شازيه ۽ ٻين سخت احتجاج ڪيو،

منير احمد شر چيو ته ڏهرڪي جي ڀٽو برادري جي بااثر ماڻهن سندس زمين تي قبضو ڪري ورتو آهي.

هن ٻڌايو ته زمين به هنن جي تي قبضو ڪيو ويو آهي وري ڪيس به سندن نوجوانن مٿان داخل ڪيو ويو آهي.

هنن  ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته نينگر کي آزاد ڪري سندن زمين تان قبضو ختم ڪري نوجوانن تي داخل ڪيس ختم ڪيا وڃن ….

هي به ڏسي سگهو ٿا

ShareefFamily, BilawalBhuttoZardari, Khipro

رات يارهين وڳي وارو نيوز بليٽن / 2018-09-19

*بلاول ڀٽو زرداري شريف ڪٽنب جي آزادي کي رليف قرار ڏئي ڇڏيو *اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے