17 اڱارو , جولاءِ 2018

نواز شريف طرفان العزيزيه ريفرنس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست رد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف طرفان العزيزيه اسٽيل ملز ريفرنس ٻئي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست خارج ڪئي وئي آهي. احتساب عدالت جي جج محمد بشير العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي ته نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث ريفرنس ٻئي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي. نواز شريف جي وڪيل دليل ڏيندي ڏيندي چيو ته جج جي ذات تي اعتراض ناهي، قانون جي گهرج آهي ته ريفرنس ٻئي عدالت منتقل ڪيو وڃي. ان موقعي تي جج محمد بشير چيو ته قانون موجب فرد جرم لاڳو ڪرڻ کانپوءِ ريفرنس نه ٿو منتقل ڪري سگهجي، ان لاءِ لاڳاپيل فورم هاءِ ڪورٽ آهي ۽ جيڪڏهن ٻئي صوبي ۾ ڪيس منتقل ڪرڻو آهي ته سپريم ڪورٽ لاڳاپيل فورم آهي. جج وڪي خواجه حارث سان ڳالهائيندي چيو ته مان آرڊر ۾ لکي ڇڏيان ٿو ته توهان کي خدشا آهن، نواز شريف جي وڪيل چيو ته توهان جن ڳالهين تي فيصلو ڪري چڪا آهيو اهي ٻئي ريفرنس ۾ به گڏيل آهن، انصاف ٿيندي به نظر اچڻ گهرجي. هن چيو ته توهان اسان جي درخواست تي ڪو آرڊر جاري ڪيو جنهن تي جج چيو ته فرد جرم لاڳو ٿيڻ بعد مان پاڻ ريفرنس منتقل نه ٿو ڪري سگهان. ان موقعي تي ڊپٽي پراسيڪيوٽر نيب سردار مظفر عباسي ريفرنس ٻئي عدالت منتقل ڪرڻ جي مخالفت ڪئي ۽ جج کي چيو ته فرد جرم توهان لاڳو ڪيو، سموري ٻڌڻي توهان جي سامهون ٿي بهتر اهو ئي آهي ته عدالت ريفرنسز تي ٻڌڻي ڪري.  خواجه حارث عدالت کي درخواست ڪئي ته ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪئي وڃي ته جيئن لاڳو فورم سان رابطو ڪري سگهون.  احتساب عدالت العزيزيه ريفرنس جي ٻڌڻي اڱاري تائين ملتوي ڪندي خواجه حارث جي ريفرنس ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي درخواست خارج ڪري ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پ پ سنڌ جي ڀينگ ڪري ڇڏي آهي، ووٽ جي پرچي کي عام نه سمجهو: سراج الحق

غوثپور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته پ پ سنڌ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے