20 خميس , سيپٽمبر 2018

پشاور ڌماڪي جا وڌيڪ 2 زخمي فوت، انگ 22 ٿي ويو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) عوامي نيشنل پارٽيءَ جي چونڊ مهم دوران ٿيل آپگهاتي حملي جا 2 زخمي فوت ٿي ويا جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 22 ٿي ويو آهي. ليڊي ريڊنگ اسپتال انتظاميه موجب يڪا توت ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل شخص محمد عادل علاج دوران فوت ٿي ويو جڏهن ته 7 زخمي اڃا به علاج هيٺ آهن. اهڙي نموني خيبر ٽيچنگ اسپتال ۾ به هڪ زخمي فوت ٿي ويو جتي ٻن زخمين کي اڃا به طبي امداد ڏني پئي وڃي، خيبر ٽيچنگ اسپتال انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي 12 زخمين کي علاج بعد فارغ ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف بيرسٽر هارون بلور جي شهادت تي ڪي پي بار ڪائونسل جي سڏ تي ٽن ڏينهن جو سوڳ ۽ هڙتال ڪئي وئي جنهن سبب وڪيل عدالتن ۾ پيش نه ٿيا. آپگهاتي حملي جو ڪيس سي ٽي ڊي ٿاڻي جي ايس ايڇ او آغا مير جاني شاهه، واجد علي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ دهشتگرديءَ جون شقون به شامل ڪيون ويون آهن. سي سي پي او پشاور قاضي جميل ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي جي سربراهيءَ ۾ جاچ ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي جيڪا 7 ڏينهن ۾ پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے