18 اربع , جولاءِ 2018

سپريم ڪورٽ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن کي داخلائن لاءِ اشتهار ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو

Nawabshah: Protest against arrest of Saleem Dahri close relative of Asif Ali Zardariاسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ سڄي ملڪ جي خانگي ڪاليجن کي ايندڙ حڪم تائين داخلائن لاءِ اشتهار ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ خانگي ميڊيڪل ڪاليجن جي فين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران وفاقي جاچ اداري جا عملدار پيش ٿيا ۽ عدالت کي آگاهه ڪيو ته ايف آءِ اي 745 ملين رپيه اوڳاڙي شاگردن کي واپس ڪيا. ايف آءِ اي اختيارين عدالت کي درخواست ڪئي ته يو ايڇ ايس کي سينٽرلائيز ايڊميشن پاليسي بڻائڻ جو حڪم ڏنو وڃي. ان موقعي تي شاگردياڻين رقم جي واپسي تي پنهنجو رد عمل ظاهر ڪندي چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ميڊيڪل ڪاليج پنهنجا خرچ به پورا ڪري سگهن. هن چيو ته اسان کي معياري ڊاڪٽر بڻائڻا آهن، پر ميڊيڪل ڪاليج هلائڻ جي شعبي ۾ اهڙا ماڻهو اچي چڪا آهن جيڪي دڪاندار آهن. هن چيو ته ميڊيڪل ڪاليج 34 لک رپين تائين اوڳاڙي والدين جو استحصال ڪري رهيا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے