18 اربع , جولاءِ 2018

نگران صوبائي حڪومت پشاور ڌماڪي جو ذميوار آءِ جي ۽ چيف سيڪريٽري کي قرار ڏئي ڇڏيو

 پشاور(ويب ڊيسڪ) ڪي پي ڪي جي نگران حڪومت عوامي نيشنل پارٽي جي ڪارنر گڏجاڻي دوران ٿيل آپگهاتي حملي جو ذميوار چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پوليس کي قرار ڏيندي وفاق کي کين هٽائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي آهي. نگران وڏي وزير جسٽس (ر) دوست محمد خان پاران صوبائي سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ کي اماڻيل خط ۾ چيو ويو آهي ته چيف سيڪريٽري ڪامران نويد بلوچ ۽ آءِ جي محمد طاهر حفاظتي قدمن کي سنجيدگي سان نه ورتو، ان لاءِ سندن خدمتون وفاق حوالي ڪرڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي وڃي.خط ۾  تجويز ڏني وئي آهي ته هاڻوڪي چيف سيڪريٽري جي جاءِ تي احمد حنيف اورڪزئي کي مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته آءِ جي محمد طاهر کي هٽائي سندس جاءِ تي ڊاڪٽر نعيم خان کي آءِ جي خيبرپختونخواهه مقرر ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بلاول کي مسئلن جي ڪهڙي خبر، زرداري به جلد اڊيالا ويندو: عمران خان

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان چيو آهي ته آصف زرداري ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے