17 اڱارو , جولاءِ 2018

ڦاهي چاڙهيو يا جيل اماڻيو واپس اچان پيو:نواز شريف

لنڊن(م ڊ) گرفتاري جي امڪان باوجود اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز جي سربراهه نواز شريف جمعي تي وطن واپسي جي موقعي تي لاهور ايئرپورٽ تي عوام کي خطاب جو اعلان ڪري ڇڏيو. لنڊن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سندس چوڻ هو ته هن ڏکئي وقت تي پنهنجي قوم کي اڪيلو نه ڇڏيندس. هاڻ جيل وڃڻو پوي يا ڦاهي تي چڙهڻو پوي پر هاڻ پير نه بيهندا. هن چيو ته جيل جي ڪوٺڙي پنهنجي سامهون ڏسي به پاڪستان واپس اچي رهيو آهيان، ووٽ کي عزت جو واعدو پورو ڪرڻ وڃي رهيو آهيان.  هن چيو ته ڇا پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو به شخص 11 سال قيد بامشقت جي سزا ٻڌڻ کان پوءِ پاڪستان واپس آيو آهي؟ مون کي جنهن قوم ٽي ڀيرا وزير اعظم بڻايو ان جو قرض لاهڻ لاءِ اچي رهيو آهيان. پنهنجي خلاف احتساب عدالت جي فيصلي تي ڳالهائيندي هن چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي ڇنڊڻ باوجود فيصلي ۾ لکڻو پيو ته منهنجي خلاف ڪرپشن جو ڪو به ثبوت ناهي مليو، فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته نواز شريف کي ڪرپشن جي الزام مان آزاد ڪيو ٿو وڃي. نواز شريف چيو منهنجي دل ۾ پاڪ فوج جي غازين ۽ شهيدن جو وڏو احترام آهي، شهيدن اسان جي لاءِ پنهنجو ايندڙ ڏينهن قربان ڪيو، اسان کي انهن سان بي پناهه محبت آهي، اسان هن قوم جي فرزندن جي لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان هن وقت تائين دنيا ۾ باوقار مقام حاصل ناهي ڪري سگهيو جيستائين آئين جي حڪمراني کي تسليم نٿو ڪيو وڃي. آئون پاڪستان جي هر اداري جو احترام ڪندو آهيان، ڄاڻان ٿو ته  ادارا مضبوط هوندا ته پاڪستان مضبوط هوندو، اڳوڻي وزير اعظم چيو ته چوڻ لاءِ پاڪستان ۾ جمهوريت آهي پر جمهوريت جا سمورا تقاضا چيڀاٽيا ويا آهن، سچ ڳالهائڻ ڏکيو بڻايو ويو آهي، ڪردارڪشي جي شرم جوڳي راند جاري آهي. هن چيو ته جيل ڏانهن ويندي سوچي رهيو آهيان ته سڄو ملڪ هڪ جيل بڻجي چڪو آهي، وقت اچي ويو آهي پاڪستان  کي جهنگ ۽ جيل جي بدران ايڪيهين صدي جو ملڪ بڻايو وڃي. هن چيو ته انگريزن جي غلامي کان ٻاهر نڪري پنهنجي غلامي ۾ اچي ويا آهيون. ائين ملڪ هلندو آهي؟ جيڪڏهن اسان کي ترقي ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان جي عوام کي خوشحال بڻائڻو آهي ته اهو سڀ ڪجهه بدلڻو پوندو ۽ جلدي بدلڻو پوندو ڇو ته اسان وٽ هاڻ وڌيڪ وقت ناهي. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته سڀاڻي پاڪستان اچي رهيو آهيان، مريم مون سان گڏ هوندي، لاهور ايئرپورٽ تي عوام کي خطاب ڪندس. هن عوام کي اپيل ڪئي ته رڳو 13 جولاءِ نه پر 25 جولاءِ تي به ساڳئي جذبي سان نڪرندو. هن چيو ته پاڪستان ۾ رياست اندر رياست نه پر رياست مٿان رياست قائم ٿي وئي آهي. هاڻ گُڏار کي حڪمراني ڪرڻ جو وقت گذري  ويو آهي. مون کي سزا ڏيڻ جو فيصلو عدالت ۾ نه پر ڪنهن ٻئي هنڌ ٿيو. هن چيو ته منهنجي سياسي پناهه وٺڻ جون خبرون ڏيندڙ ٻڌي وٺن، پاڪستان واپس اچي رهيو آهيان. هن چيو ته پاڪستان جي هر اداري جو احترام ڪريان ٿو پر جي حضوري ڪري اقتدار  ۾ رهڻ هڪ ڏينهن لاءِ قبول نه آهي. عوام جي راءِ کي اهميت ڏني وڃي، کين رڍون ۽ ٻڪريون نه سمجهيو وڃي. ووٽ جي توهين سبب ملڪ کي تماشو بڻائي ڇڏيو آهي، رڳو منهنجي نه سڄي قوم جي ڌيئرن کي سزا ڏني وئي آهي. مريم جو ڪهڙو ڏوهه هو. هن چيو ته ڪنهن کي چونڊ کان ٻاهر ۽ ڪنهن کي ڪامياب ڪرايو پيو وڃي، ائين ئي ڪرڻو آهي ته آئين ڦاڙي جنهن لاڏلي کي ويهارڻو اٿو ويهاري ڇڏيو. هن چيو ته حلف سان غداري ڪري اقتدار جي راند جو حصو بڻجڻ وارا ۽ سياست ۾ مداخلت ڪندڙ ملڪي وقار کي ڇيهو پيا رسائين، اها راند بند ڪري ڇڏيو ملڪ ۽ قوم کي سزا نه ڏيو. ڪير آهي جيڪو صادق سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين ٿو بڻائي. ڪير چينل بند ڪرائي من پسند چينل تان چونڊيل حڪومت کي گاريون ٿو ڏياري. هو وساري ٿا ويهن ته پاڪستان ٻه ٽڪر ڇو ٿيو؟ ڇا اڄ اهو ڪم نه پيو ٿئي، جنهن ڪري پاڪستان ٽٽو هو. ڇا هو نه ٿا ڄاڻن ته قربانين باوجود دنيا ۾ اسان جي ڳالهه نه ٿي ٻڌي وڃي. ادارن جو احترام ڪريان ٿو، رياست مٿان رياست قائم ٿي گُڏا رکڻ جو وقت گذري ويو.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي چونڊ مهم کان روڪيو پيو وڃي: خالد مقبول صديقي

ا پشاور (م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے