17 اڱارو , جولاءِ 2018

هي چونڊن جو وقت آهي، سياستدانن جي احتساب جو نه، لڳايل الزام رد ڪيان ٿو: آصف زرداري

ڪراچي (م ڊ) پاڻ تي لڳايل الزام رد ڪيان ٿو، اهڙن خيالن جو اظهار اڳوڻي صدر پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري هڪ خانگي اداري کي انٽرويو ڪندي ڪيو. هن چيو ته سياستدان ڪڏهن به سياسي موت سان ناهن مرندا، اليڪشن جي بائيڪاٽ بابت غور نه ڪري رهيا آهيون، اليڪشن جو موقعو آهي، هي احتساب جو وقت ناهي، احتساب اليڪشن کان پهريان يا بعد ۾ ٿيڻ گهرجي، جنهن کي به حڪومت ٺاهڻي هوندي اهو پ  پ سان ڳالهائيندو، چونڊن جو بائيڪاٽ ڪري ڪنهن کي به موقعو نه ڏينداسين. پ پ غير جمهوري طاقتن سان گڏ نه آهي، نواز شريف جي سياست جو دارومدار حالتن تي هوندو. ٻڌندس سڀني جي ڪندس اهو جيڪو پ پ ۽ پاڪستان لاءِ اهم هوندو. ڊاڪٽر عاصم منهنجو دوست آهي، منظور جو ناهي. مان پهريون به احتساب کي منهن ڏنو هاڻي به ڏيندس. نواز شريف کي چيو هو ته جمهوريت بچائڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪيون هڪ ڀيرو نواز شريف کي بچايو ويو. منهنجي خلاف ڪجهه ثابت ناهي ٿيو. حڪومت هلائڻ لاءِ اپوزيشن جي ضرورت هوندي آهي. شرجيل ميمڻ سنڌ حڪومت جو وزير هو منهنجو دوست نه هو. عدالت جو سڌو نوٽيس مليو ته بنا دير پهچندس. هن چيو ته دهل 40 ارب رپين جو وڄايو پيو وڃي ۽ نوٽيس ڍيڍ ڪروڙ جو موڪليو ويو آهي.0430

بلاول جو چونڊ مهم هڪ ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان

ڪراچي (نيوز ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اي اين پي اڳواڻ هارون بلور ۽  20 ڄڻن جي پشاور ۾ شهادت جي سوڳ ۾ هڪ ڏينهن جي چونڊ مهم ملتوي ڪري ڇڏي، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته بلور خاندان ۽ اي اين پي سان ايڪتا جي اظهار لاءِ آئون چونڊ مهم هڪ ڏينهن لاءِ ۽ پشاور جو خميس تي ٿيندڙ جلسو ملتوي ٿو ڪريان، هن چيو ته اي اين پي  جي چونڊون وقت سر ٿين واري مطالبي جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا.

آصف ۽ فريال ايف آءِ اي کان  چونڊن تائين مهلت گهري ورتي:اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو فصيلو

ڪراچي/اسلام آباد (رپورٽر+م ڊ) آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر، ايف آءِ اي کي جواب لاءِ چونڊن تائين جي مهلت گهري ورتي آهي. جڏهن ته اڄ سپريم ڪورٽ ۾ به پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريالٽالپر کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي  اسٽيٽ بينڪ سرڪل ۾ بيان ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪيو هو، جڏهن ته سينيئر وڪيل فاروق ايڇ نائڪ جا ٻه جونئير وڪيل ايف آءِ اي اسٽيٽ بينڪ ڪرائيم سرڪل  اڳيان  پيش ٿيا ۽ آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپر جي طرفان لکت ۾ بيان جمع ڪرايو. جواب ۾  آصف علي زداري ۽ فريال ٽالپر چونڊن بعد پيش ٿيڻ جي مهلت گهري آهي. جڏهن ته ايف آءِ اي ڪراچي جي طلبي واري نوٽيس تي آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا وڪيل پيش ٿيا، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ جواب داخل ڪرڻ لاءِ 31 جولاءِ تائين مهلت گهري ورتي آهي. آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر جا وڪيل بئريسٽر شيراز راڄپر ۽ ٻيا ايف آءِ اي وٽ پيش ٿيا. وڪيلن ايف آءِ اي جي جاچ ڪميٽي اڳيان موقف پيش ڪيو ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپر چونڊ مهم جي سلسلي ۾ شهر کان ٻاهر آهن، تنهن ڪري پيش نه ٿيا آهن. هوڏانهن آصف زرداري ۽ فريال مني لانڊرنگ ڪيس ۾ اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندن وڪيل پيش ٿيندا. مني لانڊرنگ ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ کين 11 جولاءِ تي طلب ڪيو هو. آصف زرداري وڪلين اعتزاز احسن، فاروق ايڇ نائڪ ۽ لطيف کوسي جي مشوري تي اڄ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسان کي چونڊ مهم کان روڪيو پيو وڃي: خالد مقبول صديقي

ا پشاور (م ڊ) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه خالد مقبول صديقي چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے