20 خميس , سيپٽمبر 2018

پشاور حملي ۾ شهيدن جو انگ 21، هارون بلور مٽي ماءُ حوالي، انتظاميا بدلائڻ جو فيصلو

پشاور (م ڊ) اي اين پي جي چونڊ گڏجاڻي تي ٿيل آپگهاتي حملي ۾ شهيدن جو انگ 21 ٿي ويو، هارون بلور ۽ ٻين جا مڙهه مٽي ماءُ حوالي ڪيا ويا. پشاور ۾ سوڳ واري صورتحال رهي. اي اين پي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي چونڊن جو بائيڪاٽ نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ٽي ٽي پي حملي جي ذميواري قبول ڪري ورتي آهي. پشاور ۾ عوامي نيشنل پارٽي(اي اين پي) جي ڪارنر گڏجاڻي دوران آپگهاتي ڌماڪي  جي نتيجي ۾ پارٽي اڳواڻ ۽ ڪي پي ڪي 78 تان اي اين پي جي اميدوار  بئريسٽر هارون بلور سميت شهيد ٿيندڙن جو انگ وڌي21 ٿي ويو، جڏهن ته 60 کان وڌيڪ زخمي آهن. زخمين مان 15 ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جن کي ليڊي ريڊنگ ۽ خيبر ٽيچنگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ڊسپوزل يونٽ ٻڌايو ته ڌماڪي ۾ 8 ڪلو ٽي اين ٽي جو استعمال ڪيو ويو هو. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان موجب خيبر پختونواخواهه جي تڪ ڪي پي ڪي 78 جي چونڊ، اميدوار جي شهادت سبب چونڊ ملتوي ڪئي وئي آهي. چونڊ شيڊول جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو.آمريڪا پاران پشاور ۾ گذريل ڏينهن ڪارنر گڏجاڻي دوران آپگهاتي ڌماڪي جي سخت مذمت ڪئي وئي آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب آمريڪا پشاور ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي زخمين جي جلد کان جلد صحتيابي جي اميد ظاهر ڪئي آهي. هوڏانهن پابندي پيل تحريڪ طالبان پاڪستان حملي جي ذميواري قبولي ورتي آهي. يڪه توت آپگهاتي ڌماڪي بعد شهر جو ماحول سوڳوار رهيو، جڏهن ته حملي ۾ شهيد ٿيندڙ 20 مان 10 ڄڻن جي اجتماعي جنازي نماز ادا ڪئي وئي. شهر جون ڪاروباري سرگرميون معطل آهن. جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي طرفان سوڳ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه بار ڪائونسل پڻ واقعي تي ٽي ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو، ٻئي پاسي شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ  جو سلسلو جاري آهي، ۽ 10 شهيدن جي اجتمائي جنازي نماز رحمان بابا قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي، جڏهن هارون بلور جي جنازي نماز شام 5 وڳي ادا ڪئي وئي جنهن ۾ اي اين پي قيادت کانسواءِ ٻين سياسي جماعتن جا اڳواڻ پڻ شريڪ ٿيا. شهيدن ۾ آصف خان، محمد شعيب، محمد نعيم، ياسين، حاجي محمد گل، نجيب الله، عابدالله، حذيفه، عارف حسين، اختر گل، عمران، رضوان  ضمير خان، اسرار، ثمين، صادق ۽ خان محمد شامل آهن. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا هارون بلور جي شهادت تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان رڪجڻ وارا ناهيون، دهشتگردن کي شڪست ڏينداسين. پرامن مضبوط پاڪستان لاءِ ڪوششون جاري آهن.، اسان دشمن طاقتن جي ڳٺ جوڙ سان وڙهي رهيا آهيون، جن کي پرامن پاڪستان هضم نٿو ٿئي. پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي هارون بلور جي شهادت تي چيو ته پهريان پيءُ ويو ۽ پوءِ پٽ شهيد ٿيو، بلور خاندان کي انڪري نشانو بڻايو پيو وڃي ڇو ته جسيتائين هي آهن پشاور تي ڪير به قبضو نٿو ڪري سگهي.  اي اين پي جي سربراهه چونڊ مهم جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پُرامن طريقي سان ٽن ڏنهن جو سوڳ ملهائينداسين ۽ ان دوارن ڪو به جلسو نه ڪيو ويندو، ٽن ڏينهن بعد پارٽي چونڊ مهم معمول موجب شروع ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته امپائر اهو ناهي رهيو، هي امپائر نه دهشتگرد آهن، هي ماڻهو جيڪو ڪجهه به ڪن پر اسان ميدان نه ڇڏينداسين، اسان کي چونڊ وڙهڻي آهي ۽ انشاءَ الله ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي. سينيٽ جي وقتي چيئرمين سليم مانڊوي والا، پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه، صدر ممنون حسين، سنڌ جي اطلاعات واري وزير جميل يوسف، جي ڊي اي اڳواڻ سردار عبدالرحيم، محمود خان اچڪزئي سردار اختر مينگل، مير حاصل بزنجو، ڊاڪٽر مالڪ بلوچ، اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، ن ليگ صدر شهباز شريف به حملي جي مذمت ڪئي. پوليس اسپتال مان هڪ شڪي زخمي گرفتار ڪيو آهي، جڏهن ته جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي، جنهن جي سربراهي ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي ڪندو.1130

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے