20 خميس , سيپٽمبر 2018

مخالف اسان جي ووٽرن کي ڌمڪائي رهيا آهن: سهيل سيال

لاڙڪاڻو(رپورٽر) لاڙڪاڻي ۽ باقراڻي جي پي ايس 12 تڪ جي پ پ اميدوار سهيل انورسيال جي حمايت ۾ جي ڊي اي سان لاڳاپيل يوسي ڪوٺي ڪلهوڙو جي وائيس چيئرمين ڀليڏنو جاگيراڻي، بشيراحمد عباسي، علي گل ڊومڪي، قلندربخش مگسي، غلام حسين مغيري، علي گوهر لنڊ، سهيل احمد لنڊ ۽ ٻين شخصيتن توڙي مختلف برادرين جي ماڻهن سندس حمايت جو اعلان ڪندي پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڳوٺ فريد آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران اهڙو اعلان ڪيو ويو ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اميدوار سهيل انورسيال چيو ته 25 جولاءِ تي منهنجي مخالف اميدوارن کي خبر پئجي ويندي ته عوام ڪنهن سان گڏ آهي، اسان جي ووٽرس کي  مخالف اميدوار ڌمڪائي رهيا آهن جنهن لاءِ اسان قانوني رستو اختيار ڪيو آهي، پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي ڪاميابي يقيني ڏسي جي ڊي اي جا اميدوار پريشان ٿي ويا آهن، هن چيو ته پيپلزپارٽي قيادت لاءِ ڪيس داخل ۽ سازشون ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه نه آهي، اسان هميشه هن ملڪ ۽ عوام لاءِ قرباني ڏني آهي، ايندڙ اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي جا اميدوار ڀرپور ڪامياب ٿيندا، هن چيو ته نوازشريف ۽ مريم نواز کي پنهنجن اعمالن جي سزا ملي آهي، اسان کي يقين آهي ته هي اليڪشن صاف، شفاف ٿيندي ۽ پيپلزپارٽي جي اميدوارن جي ڪاميابي به يقيني آهي.6

هي به ڏسي سگهو ٿا

عمران وري جوتاگردي جو شڪار، ذري تان بچاءُ، پادر عليم خان کي ٽڪاءُ

گجرات (م ڊ) تحريڪ انصاف سربراهه عمران خان جي تقرير دوران عليم خان کي جوتو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے