25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: ٺٽو: پاپوليشن کاتي پاران آباديءَ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ريلي

Thatta: Population Department, on the World War Day, Releasedٺٽي ۾ پاپوليشن کاتي پاران آباديءَ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي ريلي ڪڍي سيمينار ڪوٺايو ويو.

پاپوليشن کاتي جي ضلعي آفيسر گل النساءِ ٽالپر، سيد علي شاهه ۽ عمران علي چنا جي اڳواڻي ڊاڪٽرن ۽ ٻين آفيس کان پولي ٽيڪنيڪل ڪاليج تائين ريلي ڪڍي ڪاليج هال ۾ سيمينار ڪوٺايو.

سيمينار کي خطاب ڪندي ضلعي آفيسر گل النساءِ چيو ته دنيا ۾ هر سال آبادي تيزيءَ سان وڌي رهي آهي، پاڪستان آباديءَ جي لحاظ کان ڇهين نمبر تي آهي، وسيلا گهٽ هجڻ سبب مسئلا وڌي رهيا آهن.

هن چيو ته ملڪ ۾ مسئلا وڌڻ سبب آباديءَ جو وڏو حصو بنيادي حقن کان وانجهيل آهي، جنهن ڪري آبادي جو ڳچ حصو پريشانين جو شڪار آهي.

سندس چوڻ هو ته وڌندڙ آبادي کي ڏسندي پاپوليشن کاتي کي واهڻ وستين ۾ هر گهر وڃي آبادي تي ضابطي واري مهم هلائڻي پوندي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے