18 اربع , جولاءِ 2018

ادارا پنهنجي حدن ۾ رهن: خورشيد شاهه جي هٿ ٻڌي اپيل

سکر(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه هٿ ٻڌي چيو آهي ته ادارا پنهجن حدن ۾ رهن ۽ هي ملڪ سڀني جو آهي ۽ هن کي سڀ گڏجي هلائيندا. ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو آهي ان جي باوجود خاموشي ۽ تحمل سان ڏسي رهيا آهيون ڇو ته اسان چاهيون ٿا ته شفاف اليڪشن ٿئي ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪا به حڪومت وجود ۾ اچڻي آهي اچي وڃي. هن چيو ته جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سڀني کي نظر اچي رهيو آهي ڇو ته اشارا واضح آهن. هن هٿ ٻڌي چيو ته خدا جي واسطي ادارا پنهنجي حدن ۾ رهن ۽ هي ملڪ سڀني جو آهي هن کي سڀني کي گڏجي هلائڻو آهي سکر ۾ پيئڻ جي پاڻي جو مسئلو موجود آهي ۽ پرائمري ايجوڪيشن کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Two references against Nawaz Sharif will be opened in the open court: Federal cabinet decision

نواز شريف خلاف ٻن ريفرنس جو ٽرائل کليل عدالت ۾ ٿيندو: وفاقي ڪابينا فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو ٽرائل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے