18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

سينيٽ ۾ پشاور ڌماڪي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ ۾ پشاور ڌماڪ جي خلاف مذمتي ٺهراءُ منظور ڪيووي، سينيٽ جي چيئرمين اميدوارن جي سيڪيورٽي معاملن لاءِ جائزي واري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. تفصيل موجب پشاور ڌماڪي جي خلاف منظور ٿيل اهو ٺهراءُ راجا ظفر الحاق پيش ڪيو هو. ٺهراءَ ۾ چيو ويو اڄ يوان ۾ بي گناهه ماڻهن جي شهادت جي ڀرپور مذمت ڪيان ٿو، هارون بلور جي شهادت سڄي ملڪ جو نقصان آهي. ٺهراءَ موجب سڄو ايوان بلور خاندان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي، واقعي ۾ ملوث عنصرن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين اميدوارن جي سيڪيورٽي معاملن لاءِ جائزي واري ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي. سينيٽ چيئرمين هدايت ڪئي ته ڪميٽي  سيڪريٽريٽ کي روزاني جي بنياد تي رپورٽ پيش ڪري. سينيٽ ۾ تقرير ڪندي شيري رحمان چيو ته ايوان اي اين پي جلسي ۾ آپگهاتي حملي جي سخت مذمت ڪري ٿو، واقعو ڳڻتي جو سبب آهي، جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي. هن چيو ته حملي جاچ جي ذميواري نگران حڪومت تي لاڳو ٿئي ٿي، اسان سڀ چاهيون ٿا ته اليڪشن پرامن ماحول ۾ ٿئي، وارننگ جي باوجود اميدوارن جي عدم سيڪيورٽي تي خدشا آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم عمران خان پهرين سرڪاري دوري تي سعودي عرب پهچي ويو

مدينو شريف (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان ٻن ڏينهن جي پهرين سرڪاري دوري تي سعودي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے