18 اربع , جولاءِ 2018

نواز شريف جو ساٿ ڏئي سگهان ٿو، سندس ٻارن آڏو نٿو بيهي سگهان: چوڌري نثار

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته نواز شريف جو ساٿ ڏئي سگهان ٿو پر سندس ٻارن جي آڏو نٿو بيهي سگهان. اهڙن خيالن جو اظهار هن چهان ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسان جلسا ڪري رهيا آهيون، پر اسان جا مخالف هن وقت تائين جلسي به ناهن ڪري سگهيا. هن چيو ته اسان جا مخالف جلسي ۾ ماڻهن جي انتظار ۾ ويٺا هوندا آهن، اسان وقت تي جلسا ڪندا آهيون، ڪنهن کي انتظار ناهيون ڪرائيندا. چوڌري نثار دعويٰ ڪئي ته 25 جولاءِ جي رات سڄو پاڪستان ڏسندو، الله ڪندو اسان ڪامياب ٿيندا. هن حامين کي خطاب ڪندي چيو ته هر درواز ۽ هر گهٽي جو در کڙڪائندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Two references against Nawaz Sharif will be opened in the open court: Federal cabinet decision

نواز شريف خلاف ٻن ريفرنس جو ٽرائل کليل عدالت ۾ ٿيندو: وفاقي ڪابينا فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو ٽرائل …