18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

خيالي وزير اعظم جو خواب 25 جولاءِ تي ڀورا ڀورا ٿي ويندو: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي ترجمان مولا بخش چانڊئي چيو آهي ته خيالي وزير اعظم جو خواب 25 جولاءِ تي ٽٽي ويندو. هو ڪڏهن به وزرر اعظم نٿو بڻجي سگهي، پاڪستان پيپلز پارٽي وارا نه عوام کان ووٽ وٺندي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊئي عمران خان جي بيان تي جواب ڏنو. مولا بخش چانڊئي چيو ته خيالي وزير اعظم جو خواب 25 جولاءِ تي ٽٽي ويندو. هو ڪڏهن به وزير اعظم نٿو بڻجي سگهي. عمران خان ثابت ڪري ڇڏيو ته عقل عمر ۽ اخلاق جو ڪو به درجو ناهي. جنهن وٽ منشور نه هجي اهو گاريون ئي ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي وارا نه پر عوام کان ووٽ وٺندي آهي. عمران خان وزير اعظم بڻجڻ جي لاءِ چور دروازي جي ڳولا ۾ آهي. اها خان صاحب جي آخري چونڊ آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے