18 اربع , جولاءِ 2018

جيل وڃان يا ڦاهي تي چڙهان پر هاڻ پير نه بيهندا: نواز شريف

لنڊن(ويب ڊيسڪ) گرفتاري جي امڪان باوجود اڳوڻي وزير اعظم ۽ پاڪستان مسلم ليگ نواز جي سربراهه نواز شريف جمعي تي وطن واپسي جي موقعي تي لاهور ايئرپورٽ تي عوام کي خطاب جو اعلان ڪري ڇڏيو. لنڊن ۾ پاڪستاني ڪميونٽي کي خطاب ڪندي سندس چوڻ هو ته هن ڏکئي وقت تي پنهنجي قوم کي اڪيلو نه ڇڏيندس. نواز شريف چيو ته هان جيل وڃڻو پوي يا ڦاهي تي چڙهڻو پوي پر هاڻ هن جا پير نه بيهندا. هن چيو ته جيل جي ڪوٺڙي پنهنجي سامهون ڏسي به پاڪستان واپس اچي رهيو آهيان، ووٽ کي عزت جو واعدو پورو ڪرڻ وڃي رهيو آهيان.  هن چيو ته ڇا پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪو به شخص 11 سال قيد بامشقت جي سزا ٻڌڻ کان پوءِ پاڪستان واپس آيو آهي؟ مون کي جنهن قوم ٽي ڀيرا وزير اعظم بڻايو ان جو قرض لاهڻ لاءِ اچي رهيو آهيان. پنهنجي خلاف احتساب عدالت جي فيصلي تي ڳالهائيندي هن چيو ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن کي ڇنڊڻ باوجود فيصلي ۾ لکڻو پيو ته منهنجي خلاف ڪرپشن جو ڪو به ثبوت ناهي مليو، فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته نواز شريف کي ڪرپشن جي الزام مان بري ڪيو ٿو وڃي. نواز شريف چيو منهنجي دل ۾ پاڪ فوج جي غازين ۽ شهيدن جو وڏو احترام آهي، شهيدن اسان جي لاءِ پنهنجو ايندڙ ڏينهن قربان ڪيو، اسان کي انهن سان بي پناهه محبت آهي، اسان هن قوم جي فرزندن جي لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته پاڪستان هن وقت تائين دنيا ۾ باوقار مقام حاصل ناهي ڪري سگهيو جيستائين آئين جي حڪمراني کي تسليم نٿو ڪيو وڃي. آئون پاڪستان جي هر اداري جو احترام ڪندو آهيان، ڄاڻان ٿو ته  ادارا مضبوط هوندا ته پاڪستان مضبوط هوندو، سڄي دنيا جي ڌمڪين باوجود ايٽمي ڌماڪ ڪري پاڪستان کي ايٽمي قوت بڻاو،  پنهنجي دفاع کي مضبوط ڪيو. اڳوڻي وزير اعظم چيو ته چوڻ لاءِ پاڪستان ۾ جمهوريت آهي پر جمهوري جا سمورا تقاضا چيڀاٽيا ويا آهن، سچ ڳالهائڻ ڏکيو بڻايو ويو آهي، ڪردارڪشي جي شرم جوعي راند جاري آهي. هن چيو ته جيل ڏانهن ويندي سوچي رهيا آهيان ته سڄو ملڪ هڪ جيل بڻجي چڪو آهي، وقت اچي ويو آهي پاڪستان  کي جهنگ ۽ جيل جي بدران ايڪيهين صدي جو ملڪ بڻايو وڃي. هن چيو ته انگريزن جي غلامي کان ٻاهر نڪري پنهنجي غلام ۾ اچي ويا آهيون. ائين ملڪ هلندو آهي؟ جيڪڏهن اسان کي ترقي ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان جي عوام کي خوشحال بڻائڻو اهي ته اهو سڀ ڪجهه بدلڻو پوندو ۽ جلدي بدلڻو پوندو ڇو ته اسان وٽ هاڻ وڌيڪ وقت ناهي. اڳوڻي وزير اعظ۾ چيو ته سڀاڻي پاڪستان اچي رهيو آهيان، مريم مون سان گڏ هوندي، لاهور ايئرپورٽ تي عوام کي خطاب ڪندس. هن عوام کي اپيل ڪئي ته رڳو 13 جولاءِ نه پر 25 جولاءِ تي به ساڳئي جذبي سان نڪرندس.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Two references against Nawaz Sharif will be opened in the open court: Federal cabinet decision

نواز شريف خلاف ٻن ريفرنس جو ٽرائل کليل عدالت ۾ ٿيندو: وفاقي ڪابينا فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وفاقي ڪابينا نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جو ٽرائل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے