21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پاڪ ايران گيس منصوبو ملڪ جي مفاد ۾ آهي: سليم مانڊوي والا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سليم مانڊوي والا چيو آهي ته اسلام آباد، ايران پاڪستان گيس منصوبي تي تيزي سان اڳڀرائي ڏسڻ جا خواهشمند آهيون ۽ حڪومت ان منصوبي تي عملدرآمد ڪندي ڇو ته اهو ملڪ جي مفاد ۾ آهي. ايراني سفير مهدي هنردوست سان پارليمان هائوس ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان منصوبي کي جلد مڪمل ٿيڻ تائين پهچندي ڏسنداسين. ان موقعي تي سليم مانڊوي والا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري ۾ واڌ تي زور ڏيندي چيو ته پاڪ ايران سيڙپڪاري ڪمپني کي ٻيهر متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي ڇو ته گڏيل واپار ۽ سيڙپڪاري جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ بهترين ذريعو آهي. سليم مانڊوي والا چيو ته خطي ۾ عالمي مسئلن تي پاڪستان ۽ ايران هڪ جهڙن خيالن جو اظهار ڪيو آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏيل تعلق کي هٿي جا ڪافي موقعا آهن. هن پاڪستان ايران پارليماني دوستي گروپ کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پارليامينٽ جي سطح تي مسلسل بدلين جي ذريعي لاڳاپا وڌائڻ گهرجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ عاشور تي  ڪرفيو، ڪيترائي حريت اڳواڻ نظر بند

سرينگر ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي قابض فوج سرينگر  ۽ ٻين ضلعن ۾ ڪرفيو لاڳو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے