20 خميس , سيپٽمبر 2018

رنگنا هيراٿ رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو

ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) سريلنڪن ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين اسپنر رنگنا هيراٿ وڌندڙ عمر کي نظر ۾ رکندي هلندڙ سال نومبر ۾ عالمي ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هيراٿ چيو آهي ته مان پاڻ کي خوش قسمت سمجهان ٿو ته مون کي ڊگهي عرصي تائين عالمي سطح تي پنهنجي ملڪ جي نمائندگي جو موقعو مليو، 18 ورهين جي ڪيريئر دوران مان جيڪو ڪجهه ڪيو، ان تي فخر آهي. سندس چوڻ هو ته هر ڪرڪيٽر جي حياتيءَ ۾ اهو وقت ايندو آهي، مان سمجهان ٿو ته منهنجو وقت به اچي ويو آهي ته هر قسم جي ڪرڪيٽ کي الوداع چوان. رنگنا هيراٿ جو چوڻ هو ته مان ڏکڻ آفريڪا خلاف هوم ٽيسٽ سيريز دوران ڪوچ ۽ ڪپتان سان ان بابت صلاح مشورو ڪندس، مون کي لڳي رهيو آهي ته نومبر ۾ انگلينڊ خلاف شيڊيول سيريز منهنجي ڪيريئر جي آخري سيريز هوندو ۽ تيستائين مان هر ٽيسٽ ميچ کيڏڻ چاهيان ٿو. واضح رهي ته رنگنا هيراٿ 90 ٽيسٽ ميچن ۾ 418 وڪيٽون وٺي چڪو آهي ۽ هو ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ ۾ ڪامياب ترين ليفٽ آرم بالر آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The Swordswriter Zulton Abraham completed 500 goals

سوئيڊش اسٽرائيڪر زلاٽن ابراهمووچ 500 گول مڪمل ڪري ورتا

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ ) سوئيڊش اسٽرائيڪر لاٽن ابراهمووچ ڪيريئر ۾ 500 گول مڪمل ڪري ورتا، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے