18 اربع , جولاءِ 2018

افغانستان: جلال آباد ۾ تعليم کاتي جي عمارت تي حملو، 10 ڄڻا مارجي ويا

جلال آباد(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي شهر جلال آباد ۾ تعليم کاتي جي عمارت تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 10 زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري موجب حملي آورن جلال آباد جي علائقي پوليس ڊسٽرڪٽ 3 ۾ موجود تعليم کاتي جي عمارت تي حملو ڪيو جڏهن ته عمارت جي ڀرسان 2 ڌماڪا به ٻڌا ويا. صوبي ننگرهار جي گورنر جي ترجمان آيت الله خوگياني موجب حملي آورن عمارت جي اندر ڪيترن ئي ملازمن کي يرغمال بڻايو. هن ٻڌايو ته حملي آورن جو انگ 3 هو جنهن مان ٻن پنهنجا آپگهاتي جيڪٽ اڏائي ڇڏيا جڏهن ته ٽئين کي سيڪيورٽي فورسز ماري ڇڏيو جڏهن ته هن وقت تائين ڪنهن به دهشتگرد گروپ حملي جي ذميواري ناهي قبولي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

The name of Asif Ali Zardari and Faryal Talpur was removed from the ECL

آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور جو نالو اي سي ايل مان ڪڍيو ويو

 اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)گهرو وزارت آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور جو نالو اي سي ايل مان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے