21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: نوابشاهه: پاپوليشن ويلفيئر کاتي پاران آباديءَ جي عالمي ڏهاڙي تي جاڳرتا ريلي

Nawabshah: Population Welfare Department, on the global side of the resettlement, relayed* نوابشاهه ۾ پاپوليشن  ويلفيئر کاتي پاران آباديءَ جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي.

ڊپٽي ڊائريڪٽر پاپوليشن ويلفيئر رياض شر جي اڳواڻي ۾ ڊاڪٽر معين ۽ ڊاڪٽر دولت جمالي سميت سول سوسائٽي، عورتن ۽ مردن آبادي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي شيراز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي.

ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر رياض شر چيو ته تيزي سان وڌندڙ آبادي سبب ملڪي معشيت، تعليم ۽ صحت جي سهولتن تي خراب اثر پئجي رهيا آهن، وڌندڙ آبادي کي سڀئي سهولتون فراهم ڪرڻ هڪ وڏو چيلينج  آهي.

هن چيو ته  ماءُ ۽ ٻار جي صحت لاءِ خانداني منصوبابندي ضروري آهي، جنهن لاءِ کاتي طرفان ننڍن وڏن شهرن ۾ خانداني رٿا بندي جا مرڪز قائم ڪيا ويا آهن.

سندن چوڻ هو ته خانداني رٿا بندي تي عمل ڪيو وڃي ته جيئن گهراڻو خوشحال ۽ عورت تندرست رهي.

ان موقعي تي ڊاڪٽر معين شيخ، ڊاڪٽر دولت جمالي سميت ٻين اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪيو …

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے