25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيوز: چمبڙ : ڪارنهن الزام هيٺ ناري قتل، 2 جوابدار گرفتار

Chambar: The Koran arrested two suspects under the charge of accusation*چمبڙ  ويجهو جوابدارن ناري کي ڪارنهن الزام هيٺ بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو، پوليس ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي .

ڳوٺ ڇڇ ۾ ڪاروڪاري جي مدي خارج رسم هيٺ 18 ورهين جي ناري کي سندس چاچي الهڏتي ڀٽي ۽ سئوٽن ثناءُ الله ڀٽي ۽ عطاءُ الله ڀٽي  گهر ۾ داخل ٿي تشدد بعد ڳچي ۾ رسو وجهي ڦاهو ڏئي قتل ڪري ڇڏيو .

اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڳوٺ کي ڪڙو ڇاڙهي ٻن جوابدارن الهڏتي ۽ عطاءُ الله کي گرفتار ڪري ورتو ، جڏهن ته ٽيون جوابدار ثناءُ الله ڀٽي فرار ٿي ويو

پوليس بيگناهه قتل ڪيل ناري جو مڙهه ٽنڊو الهيار اسپتال منتقل ڪيو جتان قانوني ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو .

ان موقعي تي ناري جي والد ميڊيا کي ٻڌايوته سندس نياڻي کي بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته سنجر چانگ ٿاڻي تي مقتول ناري سان ڇهن مهينن کان زيادتي ڪندر عمير آرائين ۽ تسليم آرائين خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو هو جنهن بعد پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪري جيل موڪلي ڇڏيو هو ….

هي به ڏسي سگهو ٿا

NaoDero

نيوز | نئون ديرو: اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا ڦري ويا

نئين ديري ۾ اڻڄاتل جوابدار دڪاندارن کي يرغمال بڻائي 40 هزار رپيا روڪ رقم ڦري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے