24 سومر , سيپٽمبر 2018

ميگا ڪرپشن ڪيس: مشتاق رئيساڻي وٽان هٿ آيل اثاثا صوبائي حڪومت حوالي

Mega-corruption case: Handmade from Mushtaq Raisani, referring to the provincial governmentڪوئيٽا(ويب ڊيسڪ) نيب بلوچستان ميگا ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتاراڳوڻي سيڪريٽري مشقاق رئيساڻي وٽان هٿ ڪيل هڪ ارب 25 ڪروڙ رپين جي ماليت جي ملڪيت جا قانوني دستاويز صوبائي حڪومت جي حوالي ڪري ڇڏيا. ياد رهي ته مشقاق رئيساڻي کي ڪرپشن جي الزامن هيٺ 6 مئي 2016 تي سول سيڪريٽريٽ ڪوئيٽا ۾ سندس آفيس مان گرفتار ڪيو ويو هو. گرفتاري بعد مشتاق رئيساڻي جي گهر ڇاپي دوران 73 ڪروڙ رپين جا نوٽ، 4 ڪروڙ رپين جا زيور، پرائز بانڊ، سيونگ سرٽيفڪيٽ، ڊالر ۽ پائونڊ ۽ مختلف ملڪيتن  جا ڪاغذ مليا هئا.نيب چيئرمين جسٽس ريٽائرڊ جاويد اقبال سمورا دستاويز ۽ ڄاٻيون نيب هيڊ ڪوارٽر ڪوئيٽا ۾ ٿيل هڪ تقريب دوران بلوچستان جي وڏي وزير علاوالدين مري جي حوالي ڪيا . تقريب ۾ چيف سيڪريٽري اختر نذير، مختلف کاتن جي سيڪريٽرين ۽ انسپڪٽر جنرل پوليس سيمت معزز شهرين جو وڏي  انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نيب چيئرمين مشتاق رئيساڻي جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس گرفتاري ان سلسلي جي پهرين ڪڙي آهي، هي اها دولت آهي جيڪا چوري نه ڪئي وئي پر بلوچستان جي وسيلن ۽ ناڻي تي ڌاڙو هنيو ويو، ان کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے