18 اربع , جولاءِ 2018

افغانستان جي  شهر جلال آباد ۾ تعليم کاتي جي عمارت تي حملو، 10 ڄڻا مارجي ويا

At least 10 people were killed in an education department in Jalalabad city of Afghanistanجلال آباد(ويب ڊيسڪ) افغانستان جي شهر  جلال آباد ۾ تعليم کاتي جي عمارت تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 10 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 10زخمي ٿي پيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب حملو ڪندڙن جلال آباد جي علائقي ڊسٽرڪٽ 3 ۾ موجود تعليم کاتي جي عمارت تي حملو ڪيو، جڏهن عمارت ويجهو ٻن ڌماڪن جا آواز پڻ ٻڌا ويا. ننگر هار صوبي جي گورنر جي ترجمان آيت الله خوگياني موجب دهشتگردن عمارت جي اندر ڪيترن ئي ملازمن کي يرغمال بڻائي ڇڏيو. هن ٻڌايو ته دهشتگردن جو انگ 3 هو، جن ۾ مان ٻن ڄڻن آپگهاتي جيڪٽ ڦاڙي ڇڏيا، جڏهن ته ٽيون سيڪيورٽي فورس جي ڪاروائي ۾ مارجي ويو. اڃان تائين ڪنهن دهشتگرد گروپ حملي جي ذميواري قبول ناهي ڪئي. ياد رهي ته جلال آباد ۾ ٻن هفتن دوران اهو ٽيون وڏو حملو آهي. ان کان اڳ پهرين جولائي تي جلال آباد ۾ ٿيندڙ آپگهاتي ڌماڪي جي نتيجي ۾ 19 ڄڻا مارجي ويا هئا. جڏهن ته اڱاري ڏينهن به شهر ۾ ٿيندڙ آپگهاتي حملي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 12 ڄڻا مارجي ويا هئا، جنهن جي ذميواري شدت پسند تنظيم داعش قبول ڪئي هئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ۾ پاڪستاني شهري کي ماريندڙ 5 ڄڻن جون سِسيون ڌَر کان ڌار ڪيون ويون

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي شهر رياض ۾ هڪ پاڪستاني شهري جي گودام ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے