18 اربع , جولاءِ 2018

نيوز: باڊھ : پوليس پاران بااثر جي چرچ تي نوجوان کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف احتجاج

Badah: Protest by police for kidnapping person from feudal's church*باڊھ  ۾ پوليس پاران  بااثر جي چرچ تي نوجوان کي گرفتار ڪري گم ڪرڻ خلاف وارثن  احتجاج ڪيو .

پوليس پاران گرفتار ڪري گم ڪيل نوجوان جي وارثن روزينه ، شمشاد خاتون ، زليخان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيوويو .

ان موقعي نوجوان جي وارثن ٻڌايو ته اسلم تيوڻو کي پوليس گرفتار ڪرڻ بعد گم ڪري ڇڏيو آهي.

 هنن الزام هنيو  ته باڊھ ٿاڻي تي مقرر ايس ايڇ او ۽ وڏو منشي هڪ بااثر جي چوڻ تي اسلم تيوڻو کي گرفتار ڪري گم ڪري ڇڏيو آھي.

 هنن الزام هنيو ته پوليس کانئن نوجوان جي آزاديءِ لاءِ پنج لک رپيا گهري رهي آهي ، کين خدشو آهي ته پوليس نوجوان کي جڙتو پوليس مقابلي ۾ ماري ڇڏيندي .

متاثر عورتن  آءِ جي سنڌ ، ڊي آءِ جي لاِڙڪاڻو  ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي سندن نوجوان کي آزاد ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جودائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chuhar Jamali: The situation in Sindh is deteriorating: Aisha Gulalie

نيوز: چوهڙ جمالي: سنڌ جي ماڻهن کي حالت ڏسي کيس روئڻ اچي ٿو: عائشه گلالئي

* پي ٽي آءِ گلالئي جي چيئرپرسن عائشه گلالئي چونڊ مهم جي سلسلي ۾چوهڙ جمالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے