19 اربع , سيپٽمبر 2018

مني لانڊرنگ اسڪينڊل: آصف زرداري پاران وڪيلن سان مشوري بعد سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ پيش نه ٿيڻ جو فيصلو

Money Laundering Scandal: Asif Zardari by consulting with lawyers After all, the decision to not be submitted in the Supreme Courtاسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زردري جي جاءِ تي سندس وڪيل سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندا.  جعلي بينڪ اڪائونٽن ذريعي مني لانڊرنگ ڪيس ۾  سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپور کي سڀاڻي طلب ڪيو آهي.  ان ئي ڪيس ۾ ايف آءِ اي طرفان به ٻنهي شخصيتن کي اڄ طلب ڪيو ويو هو، پر وڪيلن سان صلاح مشوري بعد آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور ايف آءِ اي جي اڳيان پيش نه ٿيا ۽ وڪلين ذريعي جواب داخل ڪرائي ڇڏيو. ذريعن موجب آصف علي زرداري بلاول هائوس لاهور ۾ مني لانڊرنگ ڪيس بابت پنهنجن وڪلين سان صلاح مشورو ڪيو جنهن ۾ اعتزاز احسن، فاروق ايڇ نائيڪ ۽ لطيف کوسا شامل هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته آصف زرداري ذاتي طور تي سڀاڻي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻ جو لاءِ راضي ٿي ويو هو پر وڪيلن کيس پيش ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو. ذريعن ٻڌايو ته وڪيلن اڳوڻي صدر کي اعليٰ عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ جو مشورو ڏنو آهي ۽ هاڻ سندس قانوني ٽيم سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿيندي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ نيئربخاري جو ان حوالي سان چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ آءِ جي سنڌ ڏانهن نوٽيس اُماڻيو آهي ته آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور کي پيش ڪيو وڃي، جڏهن سپريم ڪورٽ آصف زرداري کي ذاتي  حيثيت ۾ طلب ڪندي ته پيش ٿينداسين. ياد رهي ته اڳوڻي صدر ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپور جو نالو سپريم ڪورٽ جي هدايت تي ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ(اي سي ايل ) ۾ وجهي ڇڏيو آهي جنهن بعد ٻنهي جي پرڏيهي ملڪ وڃڻ تي بندي آهي. ايف آءِ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور کي گرفتار نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسحاق ڊار کي يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرز جي سربراهي تان هٽائڻ جو حڪم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ اسحاق ڊار کي يونيورسٽي آف هيلٿ سائنسز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے