18 اربع , جولاءِ 2018

نيوز: دولتپور صفن: شاگرد سجاد جوکيو جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي  گرفتاري لاءِ احتجاج

Dolatpur Safan: Protest for the arrest of suspect of Sajjad Jokhio*دولتپور صفن ۾ شاگرد سجاد جوکيو جي قاتلن کي سزا ڏيڻ ۽  روپوش جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج  ڪيو ويو .

مقتول شاگرد جي وارثن ۽ سياسي سماجي ڌرين معشوق جوکيو، علي حسن جوکيو، گامڻ جوکيو، قربان جوکيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو

ان موقعي تي خطاب ڪندي مقتول شاگرد جي وارثن ٻڌايو ته پوليس 64 ڏينهن گذرڻ باوجود روپوش جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو آهي جڏهن ته گرفتار جوابدارن کي مهمان بڻائي ويهاريو آهي .

 هنن ٻڌايو ته نامزد 7 جوابدارن مان رڳو ايس ايڇ او سرور زرداري، عبدالحميد لاکو ۽ پهلوان ڪنڀر کي گرفتار ڪيو ويو آهي جڏهن ته

علي بخش مگسي ، علي رضا گورچاڻي، علي مراد زرداري ۽ مبين بالادي کي  گرفتار نه پيو ڪيو وڃي .

 هنن چيو ته نوابشاھ پوليس پنهنجي پٽي ڀائي پوليس اهلڪارن کي بچائي رهي آهي، قاتلن کي گرفتار ڪرڻ بچاءِ  کين تحفظ ڏئي رهي آهي

 هنن چيو ته جوابدار ڌر کين راڄوڻي ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏئي رهي آهي ، پر هو ڪنهن به صورت ۾ قاتلن کي معاف نه ڪندا .

 هنن مطالبو ڪيو ته روپوش قرار ڏنل جوابدارن کي گرفتار ڪري سمورن جوابدارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو

هي به ڏسي سگهو ٿا

Chuhar Jamali: The situation in Sindh is deteriorating: Aisha Gulalie

نيوز: چوهڙ جمالي: سنڌ جي ماڻهن کي حالت ڏسي کيس روئڻ اچي ٿو: عائشه گلالئي

* پي ٽي آءِ گلالئي جي چيئرپرسن عائشه گلالئي چونڊ مهم جي سلسلي ۾چوهڙ جمالي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے