21 جمعو , سيپٽمبر 2018

نيوز: نوابشاهه: گمبٽ جي اڳوڻي تعلقي ناظم جي گهر واريءَ  جو اڳوڻي مڙس خلاف احتجاج

Nawabshah: Protest against former Nazim of taluka by his ex wife*نوابشاهه ۾ گمبٽ جي  اڳوڻي تعلقي ناظم جي اڳوڻي گهر واري سيد روزينه شاهه پنهنجي6  معصوم ٻارڙن سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو .

سيد روزينه شاهه پنهنجي معصوم ٻارن  چاهت زهرا، ريج علي،  شفا زهرا، زيگم عباس، حسنين، جينا زهرا سان گڏجي احتجاج ڪندي چيو ته سرڪار شاهه مٿس  ظلم ڪندو هئو پر  هن  معصوم ٻارڙن جي خاطر برداشت ڪيو.

 هن چيو ته سرڪار شاهه کيس طلاق ڏيڻ بعد ٻارن سميت گهران نيڪالي ڏئي ڇڏي جنهن ڪري هو پريشان آهن .

هن چيو ته اڳوڻي ايس ايس پي شبير سيٺار مدد ڪئي  ليڪن ايس ايڇ او قابل ڏاهري سرڪار شاهه کان پيسا وٺي  ڪيس خراب ڪري ڇڏيو آهي

 هن الزام هنيو ته سرڪار شاهه مولانا علي شير حيدري  جي قتل ڪيس ۾ ملوث آهي   ۽ اها خبر پوڻ تي کيس   طلاق ڏني  ته جيئن ماڻهو  ڳالهه تي اعتبار نه ڪن.

 هن چيوته سيد سرڪار شاهه جي  سيد صدرالدين شاهه مدد ڪري رهيو آهي ۽ پوليس کي پڻ صدر الدين شاهه روڪي ڇڏيو آهي ان  ڪري هاڻ ايس ايس پي فدا مستوئي هنجي مدد ڪرڻ بجاءِ سيد سرڪار شاهه جو ونگاري ٻڻيل آهي

هن چيف جسٽس آف پاڪستان آ۽ جي سنڌ  کي اپيل ڪئي ته سرڪار شاهه خلاف ڪارروائي ڪري کيس انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي  ٻي صورت ۾ هو پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيندي

هي به ڏسي سگهو ٿا

FlagMarch, Jamshoro

نيوز | ڄامشورو: محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ

ڄامشوري ۾ محرام الحرام ۾ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ لاءِ فليگ مارچ ڪيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے