21 جمعو , سيپٽمبر 2018

عام چونڊن دوران امن امان هر حال ۾ يقيني بڻائڻ جي ضرورت

وفاقي حڪومت اعتراف ڪيو آهي ته ملڪ جي اهم سياستدانن تي چونڊ مهم دوران حملن جو خطرو آهي. گهرو معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جي سومر ڏينهن ٿيل اجلاس م گهرو وزارت ٻڌايو آهي ته چونڊ مهم دوران پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان، مسلم ليگ نواز جي صدر ميان شهباز شريف، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، آصف زرداري، عوامي نيشنل پارٽيءَ جي سربراهه اسفند يار ولي ۽ ٻين تي حملن جو خطرو آهي. جن کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ اڃا به اضافو ڪرڻ ۽ سياستدانن کي احتياط ڪرڻ جي ضرورت آهي.

ڏٺو وڃي ته دنيا اندر مختلف ملڪن ۾ عام چونڊون آئين ۽ قانون تحت وقت تي ٿيڻ معمول هوندو آهي ۽ انهن چونڊن دوران اهم شخصيتن جي سيڪيورٽي يا امن امان ڪڏهن به هر ڀيري ايئن اهم ۽ سنگين مسئلو ناهي رهيو، جيئن اسان جي ملڪ ۾ پئي رهيو آهي.

اسان وٽ ته سيڪيورٽيءَ جو ۽ امن امان جو عذر ڄاڻائي هڪڙن جي رستا روڪ ۽ ٻين لاءِ ميدان صاف ڇڏڻ واري روايت به پراڻي آهي، اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ملڪ ۾ جڏهن جڏهن به عام چونڊون ٿيون آهن، انهن جي شفافيت تي سوال ئي اٿيا آهن.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جو ملڪ دهشتگردي ۽ انتهاپسنديءَ جو شڪار پئي رهيو آهي. دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ معيشت تي ته وڏو بار پيو ئي پيو آهي پر هزارين قيمتي زندگيون قربان ڪرڻ باوجود اهو خطرو آخرڪار ٽري ڇو نه ٿو؟ ڇا اسان جا سيڪيورٽي جا ۽ امن امان جا ذميوار ادارا ان قابل اڃا ناهن بڻجي سگهيا جو دهشتگرديءَ جي لعنت کي پاڙئون پٽي اکيڙي ڇڏين؟.

عام چونڊن جي مهم دوران ئي ڊسمبر 2007ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو راولپنڊيءَ جي لياقت باغ ۾ دهشتگرديءَ جو نشانو بڻي هئي، انهن چونڊن ۾ ترقي پسند جمهوريت پسند جماعتون انهن جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن دهشتگرديءَ جي خطري هيٺ هئا، هر هنڌ خودڪشن ۽ بمبارن جو راڄ هو، بهرحال محترمه جي قربانيءَ کان پوءِ چونڊون ٿيون ايئن ڏهن سالن جي مشرفي آمريت جي ڊگهي ڪاري رات کان پوءِ هن ملڪ ۾ جمهوريت جو سج اڀريو هو.

ان چونڊيل حڪومت جڏهن 2013ع ۾ پنهنجو آئيني مدو پرو ڪيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايئن ٿيو جو هڪ آئيني چونڊيل حڪومت پنهنجو مدو پورو ڪيو، عام چونڊون ٿيون، جنهن جماعت سوڀ ماڻي، تنهن کي پرامن نموني اقتدار منتقل ٿيو.

2013ع وارين عام چونڊن ۾ به ساڄي ڌر سان لاڳاپيل مذهبي توڙي قدامت پسند ۽ سرمائيداري نظام جي روح مطابق هلندڙ سياسي جماعت لاءِ ميدان صاف نظر آيو ۽ ترقي پسند، لبرل ۽ جمهوريت پسند قوتن جي اها ئي رستا روڪ آهي، جنهن جي ڪري ئي انهن چونڊن کي اين آر اوز جون چونڊون به ڪي سياسي ڌريون سڏينديون رهيون آهن. انهن چونڊن دوران به پيپلز پارٽي، عوامي نيشنل پارٽي، بلوچستان جون قومپرست جماعتون ۽ انهن جون هم خيال ڌريون دهشتگردن جي نشاني تي هيون، جن کي گهران نڪرڻ ۽ چونڊ مهم هلائڻ، ماڻهن تائين پهچڻ ۽ کانئن ووٽ گهرڻ جو موقعو ئي فراهم نه ڪيو ويو، اهڙي عالم ۾ جيڪي چونڊون ٿيون تن تي آڱريون کڄڻ فطري عمل هو.

اڄ به جنهن قسم جي صورتحال آهي جيڪو ماحول آهي، جنهن قسم جي وٺ وٺان آهي، تنهن ۾ ڪن سياسي ڌرين ته اڳواٽ ئي چونڊن جي شفافيت بابت سوال اٿارڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن، مهذب معاشرن ۾ ته عام چونڊون ڏيهه اڳيان ڏٺو ٿيڻ بدران هڪ مهذب سرگرمي هوندي آهي، عام ۽ معمول جي سرگرمي هوندي آهي، اتي عام چونڊن ۾ ايئن دهل دماما ناهن وڄندا، جيئن اسان وٽ وٺ وٺان لڳي پئي آهي، غير يقيني جو ماحول آهي ۽ بحراني ڪيفيت آهي، چونڊن جي شفافيت ۽ غيرجانبدار حيثيت يقيني بڻائڻ لاءِ اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي جنهن ۾ اهو محسوس نه ٿئي ته هڪڙن کي پڇ ٻڌي مهري ڪيو پيو وڃي ته ٻين کي وري ڀت سان لاتو پيو وڃي.

هڪڙا انهن علائقن ۾ به آسانيءَ سان وڃي سگهندا هجن ۽ چونڊ ۾ آزاد هجن.جن علائقن کي خطرناڪ ۽ دهشتگرديءَ جو ڳڙهه ليکيو ويندو هجي ۽ ٻيا وري دهشتگرديءَ جي گهٽ مورڳو نه هئڻ برابر خطرن وارن شهرن ۽ علائقن ۾ به غيرمحفوظ قرار ڏنا ويندا هجن ته اهڙي عالم ۾ ٿيندڙ چونڊن جي شفاف هئڻ تي ملڪ جي اندر توڙي ٻاهر ڪير به يقين نه ڪندو.

هن ملڪ ۽ هن ملڪ جي ماڻهن تمام گهڻو ڀوڳيو آهي، جيڪي ٿيو گهڻو ٿيو، هاڻي هن ملڪ جي ماڻهن تي رحم ٿيڻ گهرجي، هيڏا وڏا آپريشن ڪرڻ، هيڏيون وڏيون قربانيون ڏيڻ، هيترا وسيلا خرچڻ باوجود هيءُ ملڪ آخرڪار دهشتگرديءَ کان پاڪ ڇو ڪو نه ٿو ٿئي؟ ان جا ڇا سبب آهن، ذميوار ڪير آهي؟ هڪ ته طاقت ذريعي دهشتگرديءَ جو خاتمو عارضي طور لاڀائتو ٿي سگهي ٿو پر دهشتگرديءَ جو دائمي حل انتهاپسنديءَ کي رد ڪندڙ فڪر ۽ فلسفي کي عام ڪرڻ آهي، جيڪو سمورين سياسي ڌرين کي پنهنجي پنهنجي سياسي پروگرام جي پرچار جو آزاد ماحول فراهم ڪرڻ سان ئي يقيني ٿي سگهندو.

اربع 11 جولاءِ 2018ع، 26 شوال 1439 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ – افغان لاڳاپا ۽ علائقي جو امن

افغانستان ۾ روس جي آمد بعد ۽ وري روس جي نيڪاليءَ بعد جيڪا جنگ شروع …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے