20 خميس , سيپٽمبر 2018

اي اين پي سربراهه اسفند يار ولي پاران چونڊ مهم جاري رکڻ جو اعلان

ANP chief Asfandyar Wali announced announcement of election campaignپشاور(ويب ڊيسڪ) عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي خان پارٽيءَ جي  چونڊ مهم جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. پشاور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه اسفند يار ولي هارون بلور جي شهادت تي چيو ته پهريان پيءُ ويو ۽ پوءِ پٽ شهيد ٿيو، بلور خاندان کي انڪري نشانو بڻايو پيو وڃي ڇو ته جسيتائين هي آهن پشاور تي ڪير به قبضو نٿو ڪري سگهي.  اي اين پي جي سربراهه چونڊ مهم جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو ته پُرامن طريقي سان ٽن ڏنهن جو سوڳ ملهائينداسين ۽ ان دوارن ڪو به جسلو نه ڪيو ويندو، ٽن ڏينهن بعد پارٽي چونڊ مهم معمول موجب شروع ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته امپائر اهو ناهي رهيو، هي امپائر نه دهشتگرد آهن، هي ماڻهو جيڪو ڪجهه به ڪن پر اسان ميدان نه ڇڏينداسين، اسان کي چونڊ وڙهڻي آهي ۽ انشاءَ الله ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي. اسفند يار ولي چيو ته هر ڏاڙهي واري کي پڪڙي نٿا سگهون، هر ڏاڙهي واري کي طالبان چوڻ زيادتي هوندي، انهن ۾ همت آهي ته سڌي طرح ميدان ۾ اچن ۽ مقابلو ڪن، پٺيان وار نه ڪن. ياد رهي ته گذريل رات پشاور جي علائقي يڪه توت ۾ آپگهاتي بمبار عوامي نيشنل پارٽي جي ڪارنر گڏجاڻي دوران پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ اي اين پي اميداور هارون بلور سميت 20 ڄڻا شهيد ٿي ويا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اهو تاثر درست ناهي ته ججن دٻاءَ ۾ فيصلو ٻڌايو: اعتزاز احسن

لاهور (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي سينيئر قانونداد اعتزاز احسن چيو آهي اهو تاثر نٿو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے