20 خميس , سيپٽمبر 2018

پي پي 168 ۾ ڪارنر گڏجاڻي دوران هوائي فائرنگ، 9 ورهين جو نينگر فوت

Gunfire shoots a 9-nine firefight during the 168-year-old encounterلاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب جي گادي واري شهر لاهور جي علائقي ڪوٽ لکپت ۾ مسلم ليگ ن جي ڪارنر گڏجاڻي دوران هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ 9 ورهين جو نينگر فوت، جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. نجي ٽي وي چينل موجب لاهور جي صوبائي تڪ پي پي 168 تان مسلم ليگ ن جي اميدوار خواجه سعد رفيق جي چونڊ مهم جي سلسلي ۾ ڪارنر گڏجاڻي بندوبست ڪيو ويو هو.  خواجه سعد رفيق جي آمد کان اڳ ئي مقامي اڳواڻ اسلم ڀٽي جي گن مين سرعام هٿيارن جي نمائش ڪندي هوائي فائرنگ ڪئي. ايس ايس پي انوسٽيگيشن اويس ملڪ موجب هوائي فائرنگ دوران گن مين جي هٿ مان بندوق ڇڏائجي وئي ۽ گوليون سڌيون هلڻ لڳيون، جنهن جي زد ۾ ٻه معصوم نينگر اچي ويا. فائرنگ جي نتيجي ۾ 9 ورهين جو مظهر فوت ۽ جڏهن ته 12 ورهين جو فهد منظور زخمي ٿي پيو. ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ آيلن ۾ ڀاڄ پئجي وئي جنهن جو فائدو وٺندي گن مين فرار ٿي ويو.  جنهن بعد پوليس ڪاراوئي ڪندي مرڪزي جوابدار رمضان عرف بلا کي ٻن ساٿين شبير ۽ بلال سميت گرفتار ڪري هٿيار هٿ ڪري ورتا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزيراعظم جي خط تي ڀارت جي جواب جا منتظر آهيون: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چيو آهي ته …