18 اربع , جولاءِ 2018

نيب لاهور کي نواز شريف ۽ مريم نواز جي اڊيالا جيل منتقلي لاءِ هيلي ڪاپٽر فراهم ڪيو ويو

Helicopter was provided to NAB Lahore and the transfer of Maryam Nawaz's jails to Jailاسلام آباد(ويب ڊيسڪ)  نيب لاهور کي نواز شريف ۽ مريم نواز کي  اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ لاءِ هيلي ڪاپٽر فراهم ڪيو ويو. اسلام آباد جي احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ نواز شريف کي 11، مريم نواز کي 8 ۽ سندس مڙس محمد صفدر  هڪ سال سخت پورهئي جي سزا ٻڌائي آهي. جنهن بعد گذريل ڏينهن ڪيپٽن(ر) صفدر کي گرفتار ڪري اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو . ميان نواز شريف ۽ سندس نياڻي مريم نواز 13 جولائي  تي وطن واپسي جو اعلان ڪيو آهي جڏهن ته نيب کين لاهور کان اڊيالا جيل منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گذريل ڏينهن نيب لاهور جي ڊائريڪٽر شهزاد سليم نيب چيئرمين جسٽس(ر) جاويد اقبال کي خط لکيو هو جنهن ۾ نواز شريف ۽ مريم نواز جي اڊيالا جيل منتقلي لاءِ هيلي ڪاپٽر  فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊي جي نيب لاهور،  جي خط جو نيب چيئرمين هاڪاري جواب ڏنو آهي ۽ نواز شريف، مريم نواز جي لاهور ايئر پورٽ کان اسلام آباد منتقلي لاءِ هيلي ڪاپٽر فراهم ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته گهرو وزارت نواز شريف ۽ مريم نواز جو نالو پڻ اي سي ايل ۾ وجهي ڇڏيو آهي جڏهن ته اي سي ايل قانون تحت سزا آيل فرد جي وطن واپسي تي کين تُرت گرفتار ڪيو ويندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Indian Foreign Minister rejected the Indian objection report on the United States

گڏيل قومن ڪشمير رپورٽ تي ڀارتي اعتراض رد ڪري ڇڏيا: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے