18 اربع , جولاءِ 2018

پشاور ۾ ڌماڪو:پاڪستان تحريڪ انصاف پاران هڪ ڏينهن سوڳ جو اعلان

PESHAWAR - Pakistan Tehreek-e-Insaf (PTI) announces a day-to-day announcementپشاور(ويب ڊيسڪ) گذريل رات پشاور ۾ ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي پاڪستان تحريڪ انصاف هڪ ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي آءِ  خيبرپختونخواهه ۾ جاري چونڊ مهم به هڪ ڏينهن لاءِ روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي. پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌري چيو آهي ته عوامي نيشنل پارٽي جي ڪارنر گڏجاڻي تي حملو انتهائي بزدلاڻو ۽ مذمت جوڳو آهي، هارون بلور ۽ اي اين پي جي ٻين ڪارڪنن جي شهادتن سان سڄو ملڪ سڳوار آهي، پي ٽي آءِ بلور فيملي ۽ اي اين پي قيادت سان گڏ مڪمل يڪجهتي فيصلو ڪيو آهي ۽ تحريڪ انصاف بلور فيملي ۽ اي اين پي جو درد ورهائنيدي. پي ٽي آءِ ترجمان فواد چوڌري جو وڌيڪ چوڻ هو ته تحريڪ انصاف ڪي پي ڪي ۾ هڪ ڏينهن جي سوڳ جو اعلان ڪري ٿي ۽ پي ٽي آءِ خيبرپختوخواهه ۾ جاري چونڊ مهم به هڪ ڏينهن روڪڻ جو اعلان ڪري ٿي، اڄ پختونخواهه ۾ پنهنجون چونڊ سرگرميون ملتوي ڪري رهيا آهيون ۽ هڪ ڏينهن واري سوڳ ۾ ڪي پي ڪي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جو جهندو پڻ جهڪيل رهندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Indian Foreign Minister rejected the Indian objection report on the United States

گڏيل قومن ڪشمير رپورٽ تي ڀارتي اعتراض رد ڪري ڇڏيا: پرڏيهي آفيس

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان والاريل ڪشمير ۾ ڀارت طرفان انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين بابت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے