25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

آرمي چيف پاران هارون بلور جي شهادت تي افسوس جو اظهار

The Army Chief expressed regret over the martyrdom of Haroon Blur راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا هارون بلور جي شهادت تي افسوس ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اسان بيهڻ وارا ناهيون، دهشتگردن کي شڪست ڏينداسين.آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا عوامي نيشنل پارٽي اڳواڻ هارون بلور جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ شهيد جي گهرڀاتين سميت اي اين پي سان تعزيت جو اظهار پڻ ڪيو.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ آهي ته پرامن مضبوط پاڪستان لاءِ ڪوششون جاري آهن، اسان دشمن طاقتن جي ڳٺ جوڙ سان وڙهي رهيا آهيون، جن کي پرامن پاڪستان هضم نٿو ٿئي. هن چيو ته اسان بيهڻ وارا ناهيون، دهشتگردن کي شڪست ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے