21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پشاور آپگهاتي حملي جو ڪيس داخل، شهر جو ماحول سوڳوار، 10 شهيد مٽي ماءُ حوالي

Bombay in Peshawar: The city's atmosphere is a rare, 10-year-old Jinnah Jinnah prayerپشاور(ويب ڊيسڪ) يڪه توت ۾ آپگهاتي ڌماڪي بعد شهر جو ماحول سڳوار آهي جڏهن ته شهيد ٿيندڙ 20 ڄڻن مان 10 ڄڻن جي اجتمائي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد کين مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو . گذريل رات پشاور جي علائقي يڪه توت ۾ آپگهاتي بمبار عوامي نيشنل پارٽي جي ڪارنر گڏجاڻي دوران پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو جنهن جي نتيجي ۾ اي اين پي اميداور هارون بلور سميت 20 ڄڻا شهيد ٿي ويا هئا. يڪه توت حملي بعد شهر جو ماحول سڳوار آهي ۽ شهر جون ڪاروباري سرگرميون معطل آهن. جڏهن ته عوامي نيشنل پارٽي طرفان سوڳ جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. خيبرپختونخواهه بار ڪونسل پڻ واقعي تي ٽه ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪندي اڄ عدالتي ڪاروائين جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب وڪيل اڄ عدالتن ۾ پيش نه ٿيندا. ٻئي پاسي شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ  جو سلسلو جاري آهي، ۽ 10 شهيدن جي اجتمائي جنازي نماز رحمان بابا قبرستان ۾ ادا ڪئي وئي آهي جڏهن هارون بلور جي جنازي نماز شام 5 وڳي ادا ڪئي ويندي جنهن ۾ اي اين پي قيادت کانسواءِ ٻين سياسي جماعتن جا اڳواڻ پڻ شريڪ ٿيندا. اين اي پي سنڌ جي صدر شاهي سيد هارون بلور جي جنازي نماز ۾ شرڪت لاءِ پشاور روانو ٿي چڪو آهي. ان کانسواءِ ليڊي ريڊنگ اسپتال انتظاميا فوت ٿيندڙن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي، جنهن موجب شهيد ٿيندڙن ۾ هارون بلور کانسواءِ آصف خان، محمد شعيب، محمد نعيم، ياسين، حاجي محمد گل، نجيب الله، عابدالله، حذيفه، عارف حسين، اختر گل، عمران، رضوان  ضمير خان، اسرار، ثمين، صادق ۽ خان محمد شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عرب، ڏکڻ ايشيا ۽ يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ عاشوري جو ڏينهن مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عرب ۽ ڏکڻ ايشيائي ملڪن سميت يورپ جي ڪيترن ئي ملڪن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے