23 آچر , سيپٽمبر 2018

مني لانڊرنگ اسڪينڊل: آصف زرداري جي قانوني ٽيم اڄ ايف آءِ اي اڳيان پيش ٿيندي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپور کي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ايف آءِ اي اسٽيٽ بينڪ سرڪل اڄ بيان ريڪارڊ ڪرائڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي،  جڏهن سينيئر وڪيلن اڳوڻي صدر کي اڄ پيش نه ٿيڻ جو مشورو ڏنوآهي،  جنهن بعد سندس جاءِ تي آصف زرداري جي قانوني ٽيم پيش ٿيندي. ايف آءِ اي اختيارين موجب آصف علي زداري کي زرداري گروپ لميٽڊ جي شيئر هولڊر ۽ فريال ٽالپور کي زرداري گروپ جي ڊائريڪٽر جي حيثيت سان طلب ڪيو  ويو آهي. جڏهن ته نوٽيس نه وٺڻ تي بلاول هائوس ۽ فريال هائوس جي ڀتن تي سندن طلبي جا نوٽيس لڳايا ويا هئا. اختيارين جو چوڻ آهي ته آصف علي زرداري ۽ فريال ٽالپور ذاتي حيثيت ۾ نه به اچي ته اعتراض ناهي، ٻنهي جي جوابن جو جائزو ورتو ويندو، جيڪو اطمينان بخش نه هئڻ جي صورت ۾قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي.ايف آءِ اي ذريعن موجب دستاويزن تي هن وقت تائين 35 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ثابت ٿي آهي، جيڪڏهن آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور بيان ريڪارڊ نٿا ڪرائڻ تي کين ٻيهر نوٽيس جاري ڪيا ويندا. ذريعن موجب ٻنهي کان پيسن جي مني لانڊرنگ ۽ انڪم ٽيڪس ريٽرنز بابت سوال ڪيا ويندا. هوڏانهن مني لانڊرنگ ڪيس واري معاملي تي آصف زرداري فاروق ايچ نائيڪ، لطيف کوسا، اعتزاز احسن ۽ نيئر بخاري سان صلاح مشورو ڪيو، جڏهن ته سينيئر وڪيلن آصف زرداري کي ايف آءِ اي اڳيان پيش نه ٿيڻ جو مشورو ڏنو آهي، جنهن بعد ايف آءِ اي ۾ آصف زرداري جي قانوني ٽيم پيش ٿيندي. ياد رهي ته ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس ۾ آصف زرداري ۽ فريال ٽالپور کي گرفتار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  ٻئي پاسي اڳوڻي صدر ۽ سندس ڀيڻ فريال ٽالپور جو نالو سپريم ڪورٽ جي هدايت تي ايگزيٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وڌو ويو آهي، جنهن بعد ٻنهي جي پرڏيهي ملڪ وڃڻ تي بندش آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے